سان فرانسسڪو-19 مئي (اي پي پي) ايلون مسڪ کي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي عدالت ۾ اوپن اي آءِ خلاف درج ڪيس ۾ شڪست ملي آهي پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيليفورنيا ۾ هڪ جيوري فيصلو ڏنو ته مسڪ جي دعويٰ قانوني مدي سبب ٻڌڻي جي قابل ناهي رهي. رپورٽس موجب ڪيس سال 2024ع ۾ درج ڪيو ويو هو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته اوپن اي آءِ ۽ ان جا ڪجهه …
ايلون مسڪ کي اوپن اي آءِ خلاف ڪيس ۾ شڪست
سان فرانسسڪو-19 مئي (اي پي پي) ايلون مسڪ کي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي عدالت ۾ اوپن اي آءِ خلاف درج ڪيس ۾ شڪست ملي آهي پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيليفورنيا ۾ هڪ جيوري فيصلو ڏنو ته مسڪ جي دعويٰ قانوني مدي سبب ٻڌڻي جي قابل ناهي رهي. رپورٽس موجب ڪيس سال 2024ع ۾ درج ڪيو ويو هو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته اوپن اي آءِ ۽ ان جا ڪجهه عهديدار شامل آهن. ڪمپني پنهنجي شروعاتي مشن تان هٽي وئي ۽ عوامي مفادن بدران واپاري مقصد کي ترجيح ڏني. اوپن اي آءِ انهن الزامن کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيوته ايلون مسڪ کي ڪمپني ۾ ٿيندڙ سياحتي تبديلين جو پهرين کان علم هيو پر هن ڪيس دير سان درج ڪيو.












