آمريڪا جي هڪ مسجد ۾ فائرنگ، 2 حملو ڪندڙن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

نيويارڪ _ 19 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ مسجد جي اندر فائرنگ جي واقعي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن جن ۾ 2 فائرنگ ڪندڙ به شامل آهن .پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو واقعو رياست ڪيليفورنيا جي شهر جي سان ڊياگو جي هڪ اسلامڪ سينٽر جي (مسجد ) ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن 2 هٿيار بند نوجوان مسجد اندر گهڙي ويا ۽ سيڪيورٽي گارڊ کي گولي هڻي ڇڏي مسجد …

نيويارڪ _ 19 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ مسجد جي اندر فائرنگ جي واقعي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن جن ۾ 2 فائرنگ ڪندڙ به شامل آهن .پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو واقعو رياست ڪيليفورنيا جي شهر جي سان ڊياگو جي هڪ اسلامڪ سينٽر جي (مسجد ) ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن 2 هٿيار بند نوجوان مسجد اندر گهڙي ويا ۽ سيڪيورٽي گارڊ کي گولي هڻي ڇڏي مسجد ۾ موجود ماڻهن تي فائرنگ ڪئي . جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا . پوليس جي پهچڻ تي معلوم ٿيو ته حملو ڪندڙ نوجوان به گولي لڳڻ سبب مارجي ويو آهي ۽ ظاهري طور تي ائين لڳي رهيو آهي ته هن پاڻ کي گولي فائر ڪئي هجي . سان ڊياگو ميڪسيڪو جي سرحد ويجهو واقع آهي ۽ پوليس  جائزي بعد هنڌ کي محفوظ قرار ڏنو آهي . سان ڊياگو پوليس جي سربراهه اسڪاٽ وال جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي . مسجد جي ڊائريڪٽر امام طلحه حسن عبادت جي هنڌ کي نشانو بڻائڻ کي شرمناڪ قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ان خوبصورت شهر ۾ سمورين عبادگاهن جي هميشه حفاظت ٿيڻ گهرجي . ڪائونسل آن آمريڪن اسلامڪ ريليشنز فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي . ان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هڪ بيان ۾ چيو ته عبادت ۾ شرڪت يا ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهائي وقت ڪنهن کي به پنهنجي سلامتي بابت خوف نه هجڻ گهرجي.

مزید خبریں