ايبولا جي خدشن  سبب آمريڪا سفري پابنديون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون

لاس اينجلس-19 مئي (اي پي پي) آمريڪا  ايبولا جي خدشن سبب سفري پابنديون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب بيمارين جي ڪنٽرول ۽ روڪ ٿام جي مرڪز ( سي ڊي سي ) اوڀر ۽ وچ آفريقا ۾ جاري ايبولا وبا سبب آمريڪا ۾ وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سفري پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سي ڊي سي موجب آمريڪي گهرو کاتي سلامتي ۽ ٻين وفاقي …

لاس اينجلس-19 مئي (اي پي پي) آمريڪا  ايبولا جي خدشن سبب سفري پابنديون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب بيمارين جي ڪنٽرول ۽ روڪ ٿام جي مرڪز ( سي ڊي سي ) اوڀر ۽ وچ آفريقا ۾ جاري ايبولا وبا سبب آمريڪا ۾ وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سفري پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سي ڊي سي موجب آمريڪي گهرو کاتي سلامتي ۽ ٻين وفاقي ادارن جي سهڪار سان اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جن جو مقصد وائرس جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. انهن نون قدمن تحت متاثر علائقن مان آيل مسافرن جي سخت طبي جانچ ۽ نگراني ڪئي ويندي جڏهن ته اهڙن غير آمريڪي شهرين جي داخلا تي پابندي هوندي جيڪي گذريل 21 ڏينهن دوران يوگنڊا، ڪانگو يا ڏکڻ سودان ۾ موجود رهيا هجن .سي ڊي سي جو چوڻ آهي ته آمريڪي عوام کي فوري طور خطرو گهٽ آهي جڏهن ته صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ حفاظتي قدم ڪري سگهجن ٿا.

مزید خبریں