بو شهر پلانٽ جو معاملو روس ۽ ايران کانسواءِ ڪنهن ٻئي بابت ناهي: روس جو پرڏيهي وزير

ماسڪو-19 مئي (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف تصديق ڪئي آهي ته بو شهر ايٽمي پلانٽ تي ڪا به پابندي لاڳو ناهي ان جي آپريشن بابت روس ۽ ايران کانسواءِ ڪنهن ٻي ڌر سان تعلق نٿا رکون. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جيستائين بو شهر پلانت جو تعلق آهي ته اها تنصيب ڪنهن به قسم جي پابندين جي ماتحت ناهي ان کي ايراني …

ماسڪو-19 مئي (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف تصديق ڪئي آهي ته بو شهر ايٽمي پلانٽ تي ڪا به پابندي لاڳو ناهي ان جي آپريشن بابت روس ۽ ايران کانسواءِ ڪنهن ٻي ڌر سان تعلق نٿا رکون. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جيستائين بو شهر پلانت جو تعلق آهي ته اها تنصيب ڪنهن به قسم جي پابندين جي ماتحت ناهي ان کي ايراني ايٽمي پروگرام جي حوالي سان 2015 جي معاهدي کان به الڳ ڪيو ويو هيو. ان ڪري اهو معاملو روس ۽ ايران کانسواءِ ڪنهن ٻئي سان تعلق نٿو رکي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس ايراني ۽ آمريڪي ڌرين وچ ۾ ڳاڪهين ۾ مداخلت جي ڪوشش ناهي ڪري رهيو. هن ڳالهين جي ڪاميابي جي لاءِ  اميد جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں