بيجنگ - 19 مئي (اي پي پي) چين جي ڏکڻ ۽ وچ واري حصي ۾ گذريل ڏينهن شديد برساتن سبب آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا. اسڪول ۽ ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻا پيا ۽ ٽرانسپورٽ ۽ بجلي جو نظام به سخت متاثر ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي موسميات کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته جيانگشي، انهوئي، هنان، هوبي، گوئيزو، گوانڪشي، گوانگ ڊونگ ۽ هينان جي علائقن ۾ برساتن سبب …
چين ۾ شديد برساتن سبب ٻوڏ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت
بيجنگ – 19 مئي (اي پي پي) چين جي ڏکڻ ۽ وچ واري حصي ۾ گذريل ڏينهن شديد برساتن سبب آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا. اسڪول ۽ ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻا پيا ۽ ٽرانسپورٽ ۽ بجلي جو نظام به سخت متاثر ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي موسميات کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته جيانگشي، انهوئي، هنان، هوبي، گوئيزو، گوانڪشي، گوانگ ڊونگ ۽ هينان جي علائقن ۾ برساتن سبب خطرناڪ آفتن جو خطرو موجود آهي. جن ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ، اوچتي ٻوڏ، شهري علائقن ۾ شديد پاڻي گڏ ٿيڻ ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ وچولي درجي ٻوڏ شامل آهن. اختيارين موجب متاثره علائقن ۾ هنگامي رد عمل جا قدم شروع ڪيا ويا آهن. سرڪاري نشرياتي اداري موجب گوانگشي جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ هڪ پڪ اپ جنهن تي 15 ماڻهو سوار هئا ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي جنهن سبب 6 ماڻهو فوت ٿي ويا. اهڙي طرح ٻين واقعن ۾ صوبي هوبي جي هڪ هيٺانهين واري ڳوٺ ۾ اوچتي ٻوڏ سبب 3 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته صوبي هنان ۾ هڪ شخص فوت ٿيو.












