صحت واري وفاقي وزير ۽ ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات

اسلام آباد - 19 مئي (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ ويڪسينيشن جي عالمي اداري گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي 79هين ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جي موقعي تي اهم ملاقات ٿي. جنهن ۾ پاڪستان ۾ ويڪسينيشن ڪوريج ۾ بهتري،شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير صحت ڊاڪٽر ثانيه …

اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ ويڪسينيشن جي عالمي اداري گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي 79هين ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جي موقعي تي اهم ملاقات ٿي. جنهن ۾ پاڪستان ۾ ويڪسينيشن ڪوريج ۾ بهتري،شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير صحت ڊاڪٽر ثانيه نشتر جو ٿورو ادا ڪندي گاوي جي خدمتن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ٻارن جي صحت  جو تحفظ ۽ ويڪسينيشن ڪوريج ۾ اضافو پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته قومي ويڪسين پاليسي جي منظوري حاصل ڪئي وئي آهي ۽ ان جي اثرائتي نموني لاڳو ٿيڻ لاءِ عملي قدم جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان ويڪسين جي مقامي پيداوار کي هٿي وٺائڻ لاءِ انڊونيشيا، چين ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو جڏهن ته ان سلسلي ۾ گاوي کي فني رهنمائي ۽ مشاورت جي درخواست به ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير ڪميونٽي آگاهي جي اهميت تي زور ڀريندي  چيو ته ماضي ۾ ميڊيا ذريعي اثرائتي آگاهي مهم جي گهٽتائي سبب ايڇ پي وي ويڪسينيشن جي پهرين مرحلي ۾ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته عوامي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي ويڪسين لڳرائي عملي مثال قائم ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ويڪسين جي قبوليت 80 سيڪڙو تائين وڌي وئي. هن شراڪتدار ادارن  تي زور ڀريو ته شفافيت کي يقيني بڻائيندي ميڊيا مهمن کي نهايت حڪمت عملي سان ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن ايڇ پي وي ويڪسينيشن جي ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان  گاوي سان پنهنجي ڪو فنانسنگ ذميواري ادا ڪري ڇڏي آهي جيڪا حڪومت جي عزم ۽ پائيداري ڏانهن هڪ واضح ۽ مضبوط اشارو آهي. وفاقي وزير ڏکين ۽ پري وارن علائقن ۾ هيڪساويلنٽ ويڪسين جي پائليٽ منصوبي لاءِ گاوي کي مدد جي درخواست به ڪئي  ته جيئن مستقبل ۾ پينٽاويلنٽ سان هيڪساويلنٽ  ويڪسين ڏانهن منتقلي جي راهه هموار ٿي سگهي. هن  چيو ته  پوليو پروگرام ۽ حفاظتي ٽڪن واري پروگرام وچ ۾ هم آهنگي ۽ انضمام جي حوالي سان حڪومت 2027ع جي وچ تائين فيصلو ڪندي  جڏهن ته ٻنهي پروگرامز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم عهدن تي مقرريون به مڪمل ڪيون ويون آهن. سي اي او گاوي ڊاڪٽر ثانيه نشتر صحت واري وفاقي وزير جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان گاوي لاءِ هڪ ترجيحي ملڪ آهي ۽ تنظيم پاڪستان  ۾ ويڪسينيشن ڪوريج ۾ اضافي ۽ ڪميونٽي سطح تي ٿيندڙ مزاحت جي خاتمي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي. هن شفافيت ۽ اثرائتي ميڊيا مهم جي اهميت تي زور ڏيندي ڏکين علائقن ۾ هيڪساويلنٽ  جي پائليٽ منصوبي جي حمايت جو يقين ڏياريو.  ڊاڪٽر ثانيه نشتر پاڪستان پاران ڪو فنانسنگ ادائگي کي حڪومتي ملڪيت ۽ پائيداري ڏانهن هڪ اهم ۽ هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته گاوي جي ٽيم پاڪستان جي ويڪسينيشن پروگرام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.