ٽرمپ انتظاميه پاران 1.7 بلين ڊالرن جو اينٽي ويپنائيزيشن فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن - 19 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه 1.7 بلين ڊالرن جو هڪ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد اهڙن اتحادين کي معاوضو فراهم ڪرڻ آهي جيڪي پاڻ کي غير منصفاڻي جاچ ۽ ڪيسن جو نشانو سمجهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب 1.776 بلين ڊالرن جي ماليت جو اينٽي ويپنائيزيشن فنڊ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اندروني ٽيڪس جي سروس خلاف داخل …

واشنگٽن – 19 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه 1.7 بلين ڊالرن جو هڪ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد اهڙن اتحادين کي معاوضو فراهم ڪرڻ آهي جيڪي پاڻ کي غير منصفاڻي جاچ ۽ ڪيسن جو نشانو سمجهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب 1.776 بلين ڊالرن جي ماليت جو اينٽي ويپنائيزيشن فنڊ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اندروني ٽيڪس جي سروس خلاف داخل ڪيس جو حصو آهي. اهو ڪيس ٽرمپ جي ٽيڪس گوشوارن جي ظاهر ٿيڻ واري معاملي تي داخل ڪيو ويو هو. فنڊ تحت اهي ماڻهو مالي مدد لاءِ درخواست ڏئي سگهندا جيڪي اهو سمجهن ٿا ته کين سياسي مقصدن تحت ڪيسن يا جاچ کي منهن ڏيڻو پئجي ٿو، جن ۾ بائيڊن انتظاميه جي انصاف واري کاتي جون ڪارروائيون به شامل آهن. وقتي اٽارني جنرل چيو آهي ته اهي قدم قانوني جنگ ۽ اختيارن جي غلط استعمال جو شڪار ماڻهن کي پنهنجون شڪايتون پيش ڪرڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ قانوني رستو فراهم ڪندا. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومتي ادارن کي ڪڏهن به ڪنهن آمريڪي شهري خلاف هٿيار طور استعمال ٿيڻ نه گهرجي ۽ انصاف کاتي جي ڪوشش آهي ته ماضي جي غلطين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته آئينده ايئن ٻيهر نه ٿيندو.

مزید خبریں