اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق اڱاري ڏينهن هتي علائقائي سفيرن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران، نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي جاري مثبت اڳڀرائي کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ انساني …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق جي مُلاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق اڱاري ڏينهن هتي علائقائي سفيرن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران، نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي جاري مثبت اڳڀرائي کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت سڀني شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندي انهن جي تعميري ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيو جيڪي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.











