نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير عمران احمد صديقي جي تهران روانگي کان اڳ ملاقات

اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير عمران احمد صديقي تهران روانگي کان اڳ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرن تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي، نائب وزيراعظم سڀني شعبن، خاص طور تي واپار، رابطي، عوام کان عوام جي مٽاسٽا ۽ علائقائي …

اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير عمران احمد صديقي تهران روانگي کان اڳ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرن تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي، نائب وزيراعظم سڀني شعبن، خاص طور تي واپار، رابطي، عوام کان عوام جي مٽاسٽا ۽ علائقائي تعاون ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. هن ويجهي هم آهنگي ۽ گڏيل افهام ۽ تفهيم ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مثبت رفتار برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير علائقائي امن، ڳالهين ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ۽ ذميواراڻي ڪردار کي به اجاگر ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن نامزد سفير کي سندس نئين ذميواري ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.