پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌ مت جي تاريخي ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽين عالمي ڪانفرنس جي شروعات 20 مئي کان ٿيندي

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌ مت جي تاريخي ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽين عالمي ڪانفرنس ٻڌهسٽ هيريٽيج آف پاڪستان 2026ع، 20 مئي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي جيڪا 23 مئي تائين جاري رهندي. پي ٽي ڊي سي پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جو بندوبست قائداعظم يونيورسٽي جي هيومنسٽڪ ٻڌازم ريسرچ سينٽر جي انتظام هيٺ مختلف قومي ۽ …

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌ مت جي تاريخي ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽين عالمي ڪانفرنس ٻڌهسٽ هيريٽيج آف پاڪستان 2026ع، 20 مئي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي جيڪا 23 مئي تائين جاري رهندي. پي ٽي ڊي سي پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جو بندوبست قائداعظم يونيورسٽي جي هيومنسٽڪ ٻڌازم ريسرچ سينٽر جي انتظام هيٺ مختلف قومي ۽ عالمي ادارن جي تعاون سان ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سڄي دنيا جا مشهور اسڪالر، محقق، آثار قديمه جا ماهر ۽ ثقافتي ورثي جا ماهر شرڪت ڪندا. ڪانفرنس ۾ پاڪسان جي گنڌارا تهذيب، ٻڌمذهب  سان سلهاڙيل تاريخي ماڳن، آثار قديمه، ثقافتي واڌ ويجهه ۽ مذهبي سياحت کي هٿي وٺائڻ بابت تحقيقي مقالا ۽ علمي مباحثا پيش ڪيا ويندا. ڪانفرنس جو بندوبست  سلڪ روڊ سينٽر، پاڪستان ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ڪي پي جي آثار قديمه جي کاتي ۽ عجائب گهر، يونيورسٽي مالايا ۽ ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي اينڊ سولائيزيشنز به شريڪ آهن. انتظام ڪندڙن موجب ڪانفرنس جو مقصد پاڪستان جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ، بين الثقافتي رابطن کي هٿي وٺائڻ ۽ گنڌارا تهذيب جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.