خيبرپختونخوا گورنر پاران پشتون قبائلي وفد سان گڏ پنجاب جي گورنر سان ملاقات، لاڳاپيل صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) راولپنڊي ۾ گذريل هفتي سراج محسود ۽ زين شاهه قتل ڪيس جي حوالي سان خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ پشتون قبائلي وفد سان گڏجي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان سان ملاقات ڪئي، وفد جي قيادت سينئر  قبائلي اڳواڻ عنايت الله خان محسود ڪري رهيو هو، گورنر آفيس پاران جاري بيان موجب وفد جي ميمبرن پنجاب جي گورنر سان گذريل …

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) راولپنڊي ۾ گذريل هفتي سراج محسود ۽ زين شاهه قتل ڪيس جي حوالي سان خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ پشتون قبائلي وفد سان گڏجي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان سان ملاقات ڪئي، وفد جي قيادت سينئر  قبائلي اڳواڻ عنايت الله خان محسود ڪري رهيو هو، گورنر آفيس پاران جاري بيان موجب وفد جي ميمبرن پنجاب جي گورنر سان گذريل هفتي راولپنڊي ۾ ٻن نوجوانن جي گڏيل جهيڙي ۾ قتل ۽ ان سان لاڳاپيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.  فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ معاشدي آسودگي لاءِ قومن جو گڏيل پيار تمام ضروري آهي. هن چيو ته محسود قوم پرامن حالتن ۽ گڏيل معاشي آسودگي جي ماحول جي خواهشمند آهي ۽ پنجاب جي گورنر وٽ جرڳي جي صورت ۾  اچڻ ان جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ نسلي، لساني، نظرياتي اختلافن کي پٺتي رکي گڏجي رهڻ ۾ ئي آهي ۽ اها ئي اسان جي مذهب جي تعليم آهي. هن چيو ته راولپنڊي سانحي ۾ شهيد ٻنهي نوجوانن جي خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ڪنهن نوجوان جي شهادت سان گهر ڀاتين کي پهچندڙ صدمو تلافي جوڳو ناهي پر اسان جي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پنجاب جي گورنر  جرڳي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته پنجاب وڏو ڀاءُ ۽ وڏي دل وارو آهي، پشتون اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان ڏهاڪن کان گڏ آهيون. هن چيو ته قانون جي بالادستي، انسانيت جي احترام، رياست جي ترقي لاءِ تمام ضروري آهي ۽ ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي. هن ڪي پي ڪي جي گورنر جي سربراهي ۾ پشتون وفد کي ان حوالي سان هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.