بيجنگ -18 مئي (اي پي پي) چين ۾ زلزلي سبب 13 عمارتون ڊهي پٽ پيون ۽ 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن جڏهن ته امدادي ڪارروائيون جاري آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي ڏکڻ اولهه علائقي گوانڪشي ۾ سومر ڏينهن صبح جو آيل زلزلي جي شدت 5.2 هئي، جنهن سبب خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو …
چين ۾ زلزلي سبب 13 عمارتون ڊهي پيون، هزارين ماڻهو محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل

مزید خبریں
بيجنگ -18 مئي (اي پي پي) چين ۾ زلزلي سبب 13 عمارتون ڊهي پٽ پيون ۽ 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن جڏهن ته امدادي ڪارروائيون جاري آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي ڏکڻ اولهه علائقي گوانڪشي ۾ سومر ڏينهن صبح جو آيل زلزلي جي شدت 5.2 هئي، جنهن سبب خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. انتظامي اختيارين جو چوڻ اهي ته انهن قافلن جي ڪري ٽريفڪ جي ۾ رڪاوٽ پئجي وئي آهي جڏهن ته هن وقت مختلف علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. زلزلي کان پوءِ واري صورتحال جي حوالي سان ريلوي اختيارين اچ وڃ ۾ امڪاني طور رڪاوٽ پوڻ جو خيال ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته انفراسٽرڪچر ۽ ريلوي لائنز جو جائزو ورتو پيو وڃي.











