پاڪستان جي 79 مخصوص ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام جي خاص مهم شروع

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) پاڪستان حڪومت جي قيادت ۾ پوليو جي روڪٿام باقبت نيشنل ايمرجنسي سينٽر  سومر کان سڄي ملڪ جي 79 چونڊ هاءِ رسڪ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اها مهم پوليو جي مڪمل خاتمي ۽ لکين ٻارن کي سڄي عمر جي معذوري کان محفوظ رکڻ لاءِ قومي سطح تي جاري مربوط ڪوششن جو هڪ اهم حصو آهي. اها مهم …

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) پاڪستان حڪومت جي قيادت ۾ پوليو جي روڪٿام باقبت نيشنل ايمرجنسي سينٽر  سومر کان سڄي ملڪ جي 79 چونڊ هاءِ رسڪ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اها مهم پوليو جي مڪمل خاتمي ۽ لکين ٻارن کي سڄي عمر جي معذوري کان محفوظ رکڻ لاءِ قومي سطح تي جاري مربوط ڪوششن جو هڪ اهم حصو آهي. اها مهم 18 کان 24 مئي تائين جاري رهندي. جنهن جو مقصد پنجن سالن کان گهٽ عمر جي اٽڪل هڪ ڪروڙ 90 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا  پيارڻ آهي. ان قومي مهم دوران هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ تربيت يافته فرنٽ لائين ورڪرز سڄي ملڪ ۾ گهر گهر وڃي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته هر ٻار کي سڄي زندگي جي معذوري کان محفوظ رکندڙ  اها ويڪسين فراهم ڪئي وڃي. اها مهم پاڪستان ۽ افغانستان ۾ هڪ ئي وقت منعقد ڪئي پئي وڃي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تعاون ۽ دنيا جي آخري باقي رهيل علائقن ۾ پوليو وائرس جي خاتمي جي گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿي. صوبائي سطح تي پنجاب  جي 10 مخصوص ضلعن ۾ 61  لک 90 هزار ٻار، سنڌ جي 20 مخصوص ضلعن ۾  57 لک 90 هزار ٻارن، خيبر پختونخوا جي 23 مخصوص ضلعن  ۾ 46 لک 10 هزار ٻارن جڏهن ته بلوچستان جي 25  مخصوص ضلعن ۾ 19 لک 90 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. اسلام آباد ۾ پڻ 4 لک 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي ان مهم دوران ويڪسين ڏني ويندي. پاڪستان ۾ پوليو خلاف جدوجهد هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. پاڪستان ۾ سال 2025ع دوران 31 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 2026ع ۾ هن وقت تائين 3 تصديق ٿيل ڪيس سامهون آيا آهن. اها نمايان گهٽتائي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي پاران مضبوط اڳڀرائي کي ظاهر ڪري ٿي. ڏهن ته صحت جي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ وائرس اڃا به خاموشي سان گردش ڪري رهيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي مسلسل ويڪسينيشن جون ڪوششون اڻٽر آهن. پاڪستان حڪومت جي پي اي آءِ جي شراڪتداري ادارن، جن ۾ صحت بابت عالمي ادارو، يونيسيف، سي ڊي سي، روٽري انٽرنيشنل ۽ گيٽس فائونڊيشن شامل آهن جي مسلسل تعاون جي تعريف ڪئي. حڪومت چيو ته صوبائي حڪومتون، فرنٽ لائين ورڪز، سيڪيورٽي اهلڪارن، ڪميونٽي اڳواڻن ۽ مقامي شراڪتدارن جي گڏيل ڪوششن سان هر ٻار تائين پهچ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ بنيادي اهميت رکن ٿا. والدين ۽ سرپرستن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو پوليو ٽيمن کي پنهنجي گهرن ۾ آجيان ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته مهم دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر مسلسل قدمن، اثرائتي  پهچ ۽ اجتماعي ذميواري ذريعي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بنائڻ واري پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پوليو جي روڪٿام واري مهم بابت معلومات لاءِ شهري پوليو هيلپ لائين 1166  تي رابطو ڪري سگهن ٿا يا واٽس ايپ هيلپ لائين 03467776546  تي پيغام موڪلي سگهن ٿا.