چين ۾ پاڪستان جي سفير سميت 8 شخصيتن کي ”شاندار سفير جو تمغو“ ڏنو ويو

بيجنگ -18 مئي (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي سميت 8 شخصيتن کي ”شاندار سفير جي تمغي“ سان نوازيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ ۾”شاندار سفير جو تمغو“ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي سميت 8 شخصيتن کي ان ايوارڊ سان نوازيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چين ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ تعاون کي هٿي …

بيجنگ -18 مئي (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي سميت 8 شخصيتن کي ”شاندار سفير جي تمغي“ سان نوازيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ ۾”شاندار سفير جو تمغو“ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي سميت 8 شخصيتن کي ان ايوارڊ سان نوازيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چين ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڄاڻايل شخصيتن جي نمايان خدمتن جي تعريف ڪرڻ آهي. اهو ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ چين ۾ پاڪستان، قازقستان، سعودي عرب ۽ ڪولمبيا جي موجوده سفيرن کان علاوه روس، ڪمبوڊيا، چاڊ ۽ يوراگوئي جا اڳوڻا سفير به شامل آهن.