چين جي مستحڪم معاشي ترقي جو رجحان برقرار

بيجنگ -18 مئي (اي پي پي) چين جو هلندڙ سال جنوري کان اپريل تائين مستحڪم معاشي ترقي جو رجحان برقرار رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي قومي انگن اکرن واري اداري جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هلندڙ سال جنوري کان اپريل تائين چين جي قومي معيشت مستحڪم ترقي جو رجحان برقرار رکيو آهي.  جنوري کان اپريل تائين چين ۾ نامزد سائيز سيبالا صنعتي ادرن جي ايڊڊ ويليو ۾ ساليانو …

بيجنگ -18 مئي (اي پي پي) چين جو هلندڙ سال جنوري کان اپريل تائين مستحڪم معاشي ترقي جو رجحان برقرار رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي قومي انگن اکرن واري اداري جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هلندڙ سال جنوري کان اپريل تائين چين جي قومي معيشت مستحڪم ترقي جو رجحان برقرار رکيو آهي.  جنوري کان اپريل تائين چين ۾ نامزد سائيز سيبالا صنعتي ادرن جي ايڊڊ ويليو ۾ ساليانو بنيادن تي 5.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. سروس سيڪٽر جي پيداواري انڊيڪس ۾ هر سال 4.9 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين جي ڪل ريٽيل سيل 16.4941  ٽريلين يو آن تائين پهچي وئي جيڪا هر سال 1.9 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. سامان جي آمدني واپار ۽ روانگي واپار ۾ تيز رفتار اضافو ڏٺو ويو ۽ واپاري ڍانچي ۾ بهتري جو سلسلو جاري آهي. رپورٽ موجب جنوري کان اپريل تائين سامان جي آمدني ۽ روانگي واپار جي ڪل ماليت 16.2252 ٽريلين يو آن تائين پهچي وئي جيڪا هر سال 14.9 سيڪڙو جو اضافو آهي.