رياض -18 مئي (اي پي پي) حرمين الشريفين جي معاملن جي نگراني ڪندڙ جنرل اٿارٽي زائرين جي خدمت لاءِ حرمين الشريفين لاءِ ٿري ڊي انٽر ايڪٽو نقش جاري ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته جيئن مقدس ماڳن ۽ مسجد الحرام ڏانهن ويندڙ رستن، هوٽلن ۽ آسپاس جي سهولتن وچ ۾ سڌي ريت رابطو قائم ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل اٿارٽي چيو آهي، ته انهن قدمن سان زائرين جي تجربي کي …
سعودي عرب پاران زائرين لاءِ ٿري ڊي انٽر ايڪٽو نقشن جي سهولت جي شروعات

مزید خبریں
رياض -18 مئي (اي پي پي) حرمين الشريفين جي معاملن جي نگراني ڪندڙ جنرل اٿارٽي زائرين جي خدمت لاءِ حرمين الشريفين لاءِ ٿري ڊي انٽر ايڪٽو نقش جاري ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته جيئن مقدس ماڳن ۽ مسجد الحرام ڏانهن ويندڙ رستن، هوٽلن ۽ آسپاس جي سهولتن وچ ۾ سڌي ريت رابطو قائم ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل اٿارٽي چيو آهي، ته انهن قدمن سان زائرين جي تجربي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ۽ چر پر سان جڙيل چئلينجز کي گهٽائي سگهجي ٿو. خاص ڪري رش جي وقت ڏکيائين ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ٿري ڊي انٽر ايڪٽو نقشو استعمال ۾ آسان ۽ فوري جواب ڏيندڙ انٽر فيس ذريعي مقدس ماڳن اندر صارف جي تجربي کي بهتر بڻائي ٿو. انهن نقشن مان فائدو کڻندڙ انتهائي بهتر ڪارڪردگي سان معلومات ۽ خدمتن تائين پهچ حاصل ڪري سگهجندا. اهي قدم زائرين جي خدمت لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز کي ڪتب آڻيندي حرمين الشريفين جي انتظام ڪندڙ جنرل اٿارٽي جي ڪوششن جو حصو آهن. انهن قدمن ۾ ڪيترائي فني فائدا سامل آهن جن مان سڀ کان نمايان سرڪاري چينلز ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ذريعي ميڊيا جي تشهير کي تيز ڪرڻ آهي. جنرل اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ان سروس کي نسڪ ڪارڊ ۾ ضم ڪيو ويندو جنهن سان زائرين کي فراهم ٿيندڙ ڊجيٽل خدمتن جي سلسلي کي هٿي ملندي ۽ خدمتن جي معيار ۾ اضافو ٿيندو. اهي قدم حرمين شريفين جي زائرين لاءِ هڪ مربوط ۽ آسان تجربو فراهم ڪرڻ لاءِ اٿارٽي جي ڪوششن جو تسلسل آهن جيڪي حاجي سڳورن لاءِ ملڪ پاران سار سنڀال جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ حج ۽ عمري جي زائرين جي خدمتن ۾ مملڪت جي ويزن 2030ع جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون ڪن ٿا.











