رياض _ 18 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان رياض ۾ شام لاءِ آمريڪا جي خصوصي صلاحڪار ٽام باراڪ جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جي تازي صورتحال ۽ ملڪ ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حمايت جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ياد رهي ته …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان آمريڪا جي خصوصي صلاحڪار جي ملاقات، شام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض _ 18 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان رياض ۾ شام لاءِ آمريڪا جي خصوصي صلاحڪار ٽام باراڪ جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جي تازي صورتحال ۽ ملڪ ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حمايت جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ياد رهي ته آمريڪا جي خصوصي صلاحڪار ٽام باراڪ ڇنڇر ڏينهن شام جو دورو ڪيو هو، جتي شام جي صدر سندس آجيان ڪئي هئي.











