اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سُومر ڏينهن قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز الخليفي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سُومر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان مُوجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ بدلجندڙ صُورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفان ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته علائقائي چئلينجن کي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز الخليفي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سُومر ڏينهن قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز الخليفي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سُومر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان مُوجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ بدلجندڙ صُورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفان ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته علائقائي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطا تمام گهڻا اهم آهن. قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز الخليفي پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ جاري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۽ اُن کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ خُوشحالي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.











