سينيٽر شيري رحمان جي ڀارتي آرمي چيف جي پاڪستان مخالف ريمارڪس جي مذمت

اسلام آباد - 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، ڀارتي آرمي چيف پاران پاڪستان مخالف ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙن بيانن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرا لاحق آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمنٰ چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي لڳاتار سفارتي، سياسي ۽ دفاعي ڪاميابين ڀارت کي مايوس …

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، ڀارتي آرمي چيف پاران پاڪستان مخالف ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙن بيانن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرا لاحق آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمنٰ چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي لڳاتار سفارتي، سياسي ۽ دفاعي ڪاميابين ڀارت کي مايوس ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري هاڻي پاڪستان کي هڪ ذميوار، باوقار ۽ نمايان ائٽمي طاقت طور تسليم ڪري ٿي. پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته وڏيون عالمي طاقتون علائقائي امن، تڪرارن جي حل ۽ سفارتي اڳڀرائي  بابت معلومات تي پاڪستان سان سرگرم عمل آهي. ڀارت جي جنگي ذهنيت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته نئين دهلي اڪثر جارحاڻا قدم شروع ڪري ٿي ۽ بعد ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ عالمي برادري سان رابطو ڪري ٿي. هن، مودي حڪومت تي زور ڀريو ته انهن محاذ آرائي وارين پاليسين تي عمل ڪرڻ بدران امن لاءِ پنهنجي عوام جي خواهشن جو احترام ڪري. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان آپريشن بنيان مرصوص دوران پنهنجي دفاعي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀارتي جهازن کي ڪيرايو. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي فضائي برتري جو اعتراف ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري يا قومي دفاع تي سمجهوتو نه ڪندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان مستقل طور تي امن، ڳالهين ۽ علائقائي استحڪام واري پاليسي تي عمل ڪندو رهندو، خطي ۾ ڊگهي امن جو مطالبو ڪندي هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي صرف برابري، گڏيل احترام ۽  نتيجو ڏيندڙ ڳالهين ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي.