نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، تحقيق ۽ جدت تي ٻڌل تعليم ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

لاهور-17 مئي (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني  چيو آهي، ته نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، تحقيق ۽ جدت  تي ٻڌل تعليم ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ جو ادارو تعليم، جدت، هنرمندي جي فراهمي سميت نوجوانن کي باوقار انداز ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.  انهن خيالن جو اظهار …

لاهور-17 مئي (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني  چيو آهي، ته نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، تحقيق ۽ جدت  تي ٻڌل تعليم ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ جو ادارو تعليم، جدت، هنرمندي جي فراهمي سميت نوجوانن کي باوقار انداز ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.  انهن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لاهور ۾ منعقد گريجوئيشن تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊين، ڊائريڪٽرز، استاد، فيڪلٽي ميمبر، شاگرد ۽ وڏي تعداد ۾ ٻيا موجود هئا. سينيٽ چيئرمين  چيو ته مون کي تقريب ۾ شريڪ ٿي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ۽ اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.  هن سمورن تعليم مڪمل ڪندڙن  ۽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هي ڏينهن صرف ڊگريون ۽ تمغن جو ناهي پر سالن کان محنت، قرباني، صبر ۽ اميد جي ثمر جو ڏينهن آهي. هتي موجود هر شاگرد پٺيان  هڪ اهڙو خاندان آهي جنهن اهو يقين رکيو ته تعليم زندگي جو رخ بدلائي سگهي ٿي، اها ڪاميابي جيتري توهان جي آهي، ايتري ئي انهن جي به آهي، مان استادن ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيان جن جي رهنمائي ۽ لگن انهن نوجوان ذهنن جي آبياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.  سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته يونيورسٽي آف لاهور پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن مان نمايان مقام ماڻيو، عالمي ادارن سان شراڪت ذريعي عالمي معيار جي تعليم پاڪستان ۾  متعارف ڪرائي، يونيورسٽي نوجوانن لاءِ نون موقعن جا دروازا کوليا خاص طور تي مستقبل ساز شعبن تي ڌيان تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته اسان جي آسپاس جي دنيا غير معمولي رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي، مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، بلاڪ چين، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، روبوٽڪس ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجيز معيشتن، صحت جي نظام، صنعتن ۽ پاڻ ڪم ڪرڻ جي نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن نئين دور ۾ قومون صرف قدرتي وسيلن يا انفراسٽرڪچر ذريعي نه پر علم، جدت ۽ انساني ذهانت ذريعي ترقي ڪنديون، اها صورتحال اسان جي تعليمي ادارن ۽ نوجوانن تي وڏي ذميواري لاڳو ڪري ٿي. هن چيو ته يونيورسٽين کي اعليٰ معيار جي مرڪزن ۽ ٽيڪنالاجي انڪيوبيٽرز طور ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو قومي ۽ عالمي معيارن تي پورو لهي، اسان جي شاگردن کي صرف پيشيواراڻي قابليت ئي نه پر تنقيدي سوچ، تبديلي موجب پاڻ کي اختيار ڪرڻ ۽ سڄي زندگي سکندو رهڻ جي صلاحيت به فراهم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه صلاحيتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي نوجوانن کي موقعا، اعتماد ۽ سکڻ جو عزم گهربل آهي،  مان سمورن گريجوئيٽس  کي تلقين ڪيان ٿو ته هو سڄي زندگي تجسس، لچڪ ۽ نون خيالن لاءِ ڪشادگي برقرار رکن، ياد رهي ته تعليم رڳو ذاتي ڪاميابي جو ذريعو ناهي پر قومي ذميواري به آهي. هن نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته زندگي اوهان کي جيڏانهن به وٺي وڃي ديانت، همدردي، انڪساري ۽ ٻين جي احترام کي هميشه پاڻ سان رکو، اوهان جي نسل پاڪستان جي اميدن جو محور آهي. هن چيو ته مون کي خاص طور تي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هن شعبي جي تعليم مڪمل ڪندڙ شاگرد خصوصن نرسنگ ۽ صحت جي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهو هاڻي آسٽريا جهڙن ملڪن سميت روزگار جا عالمي موقعا حاصل ڪري رهيا آهن، اهو نه رڳو ان اداري پر پاڪستان لاءِ به فخر جو سبب ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جڏهن اسان جي نوجوانن کي معياري تعليم ۽ درست رهنمائي ملندي آهي ته هو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ بااعتماد مقابلو ڪري سگهندا آهن. هن چيو ته اعليٰ تعليم کي هٿي وٺائڻ جو عزم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، وزيراعظم جي حيثيت ۾ منهنجي حڪومت علائقائي اداره جاتي ترقي، استادن لاءِ وظيفن ۾ اضافي ۽ جديد علم تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ لاءِ قومي پاليسين جي منظوري تي ڌيان ڏنو. سال 2009ع ۾ اسان قومي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ جدت واري پاليسي متعارف ڪرائي جنهن جو مقصد يونيورسٽين کي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ڏيڻ هو. ان پاليسي تحت اعليٰ تعليم جي بجيٽ ۾ اضافو، يونيورسٽين ۽ صنعتن جي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪيمپسز ۾ ٽيڪنالاجي پارڪس قائم ڪرڻ شامل هو. هن چيو ته اسان وزيراعظم انٽر پرينيورشپ چئلينج پروگرام، انٽرن شپ اسڪيمز ۽ يونيورسٽين لاءِ فنڊنگ ۾ اضافي جهڙا قدم به شروع ڪيا، خاص ڪري پٺتي پيل علائقن ۾، ته جيئن نوجوان پاڪستانين لاءِ موقعن جا نوان دروازا کولي سگهجن. هن چيو ته ڪامسيٽس جي چيئرپرسن طور مان ڪامسيٽس انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي  جي واڌ ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو جنهن کي هڪ گهڻ ڪيمپس يونيورسٽي نظام ۾ تبديل ڪيو ويو، اهي سموريون ڪوششون ان پختي يقين تي ٻڌل هيون ته پاڪستان لاءِ سڀ کان قيمتي سرمايو تعليم يافته، هنرمند ۽ پرعزم نوجوان نسل آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هاڻي سينيٽ چيئرمين جي حيثيت ۾  مان ان عزم ۽ ويزن  سان اڳيان وڌي رهيو آهيان ۽ اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان جي سينيٽ تعليم، جدت، هنرمندي ۽ نوجوانن کي باوقار انداز ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن سمورن گريجوئيٽس، والدين، استادن ۽ يونيورسٽي آف لاهور جي انتظاميه کي ان خوشي جي موقعي تي مبارڪون پڻ ڏنيون. تقريب جي آخر ۾ خاص مهمان سينيٽ چيئرمين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا جڏهن ته يونيورسٽي آف لاهور جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف خاص مهمان کي سوينئر پڻ پيش ڪيو.