پاڪستان عالمي سطح تي هڪ ذميوار ملڪ، تسليم ٿيل ايٽمي قوت، ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي ۽ تاريخ جو اڻمٽ حصو آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-17 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان اڳ ۾ ئي عالمي سطح تي هڪ ذميوار ملڪ، تسليم ٿيل ايٽمي طاقت ۽ ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي ۽ تاريخ جو اڻمٽ حصو آهي. آءِ ايس پي آر ڀارتي آرمي چيف جي هڪ تازي انٽرويو جي جواب ۾ چيو آهي ته ڀارتي سي او اي ايس پنهنجي هڪ تازي انٽرويو دوران چڙ ڏياريندڙ …

راولپنڊي-17 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان اڳ ۾ ئي عالمي سطح تي هڪ ذميوار ملڪ، تسليم ٿيل ايٽمي طاقت ۽ ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي ۽ تاريخ جو اڻمٽ حصو آهي. آءِ ايس پي آر ڀارتي آرمي چيف جي هڪ تازي انٽرويو جي جواب ۾ چيو آهي ته ڀارتي سي او اي ايس پنهنجي هڪ تازي انٽرويو دوران چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنو ته ”پاڪستان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ڇا هو جاگرافي ۽ تاريخ جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو“. آءِ ايس پي آر گذريل ڏينهن جاري پريس پڌرائي ۾ چيو ته دوکي ۽ دوکي تي ٻڌل اعتقادي نظام جي ابتڙ ۽ هندو پرست قيادت ۾ ڀارت ۾ ڦهليل خواهشن باوجود پاڪستان اڳ ۾ ئي عالمي سطح تي هڪ ذميوار ملڪ، تسيلم ٿيل ايٽمي طاقت ۽ ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي ۽ تاريخ جو اڻمٽ حصو آهي. ڀارتي سي او اي ايس جو بيان ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته ڀارتي قيادت 8 ڏهاڪا گذرڻ باوجود نه ته پاڪستان جي تصور سان هم آهنگ ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ان صحيع سبق سکيو آهي. ان فخر، ويڙهاڪ ۽ تنگ نظر ذهنيت ڏکڻ ايشيا کي بار بار جنگين ۽ بحرانن ۾ ڌڪيو آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته هڪ خودمختيار ايٽمي پاڙيسري کي ”جاگرافي“ مان نڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ، منصوبه بندي تحت پنهنجن ارادن جو اظهار ۽ بدمعاشي ئي نه پر اهو عالمي صلاحيتن جو ڏيواليو به آهي، جنون ۽ ان حقيقت کي ڄاڻڻ باوجود ته اهڙي قسم جي سوچ سان جاگرافي خاتمو يقيني طور گڏيل ۽ جامع هوندو. ذميوار ايٽمي رياستون تحمل، پختگي ۽ اسٽريٽجڪ سنجيدگي جي عڪاسي ڪن ٿيون، اهي تهذيبي بالادستي يا قومن کي مٽائڻ جي ٻولي ناهن ڳالهائينديون. ڀارتي بيانيو هندوستان جي پنهنجي تاريخي دستاويزي رڪارڊ کي نظر انداز ڪري ٿو ته هو خطي ۾ دهشتگردي جي پٽڀرائي ڪري ٿو، دهشتگردي جي رياستي سرپرستي ڪري ٿو، علائقائي عدم استحڪام جو هڪ اهم ذريعو آهي، عالمي رتو ڇاڻ جو پريڪٽيشنر آهي ۽ سڄي دنيا ۾ غلط معلومات ڦهلائڻ جي مهم جو مرڪز آهي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته دهلي جو جارحاڻو انداز اعتماد جي کوٽ ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ناڪامي تي مايوسي کان ڪيترئي ڀيرا وڌيڪ آهي، جنهن کي معرڪه حق دوران بي نقاب ڪيو ويو آهي. ڀارتي قيادت کي صلاح ڏني ٿي وڃي ته هو ڏکڻ ايشيا کي ڪنهن ٻئي بحران يا جنگ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪري جنهن جا نتيجا سڄي خطي ۽ ان کان اڳتي لاءِ به تباهي پکيڙيندڙ هوندا. ڀارت کي پاڪستان سان مفاهمت جي ضرورت آهي ۽ ان سان پرامن طور سهڪار ڪرڻ سکڻ گهرجي. ٻئي صورت ۾، پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي ڪا به ڪوشش اهڙن نتيجن کي جنم ڏئي سگهي ٿي جيڪي نه ته جاگرافيائي طور محدود هوندا ۽ نه ئي سياسي طور هندوستان لاءِ قبول جوڳا هوندا.