اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيئر صحافي، دانشور ۽ اردو ڊائجيسٽ جي باني الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الطاف حسن قريشي صحافت، ادب ۽ فڪري ميدان جي هڪ معتبر ۽ باوقار شخصيت هو، جنهن پنهنجي لکڻين، فڪري خدمتن ۽ صحافتي بصيرت سان ڪيترن ئي نسلن جي رهنمائي ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران سينيئر صحافي الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيئر صحافي، دانشور ۽ اردو ڊائجيسٽ جي باني الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الطاف حسن قريشي صحافت، ادب ۽ فڪري ميدان جي هڪ معتبر ۽ باوقار شخصيت هو، جنهن پنهنجي لکڻين، فڪري خدمتن ۽ صحافتي بصيرت سان ڪيترن ئي نسلن جي رهنمائي ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته الطاف حسن قريشي اردو صحافت ۾ اعليٰ روايتن کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي شعور جي بيداري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مرحوم جي وفات سان صحافت ۽ علمي دنيا هڪ مدبر، بااصول ۽ صاحب فڪر شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. سندس قومي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











