قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران سينيئر صحافي الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مشهور صحافي، ڪالم نگار، دانشور ۽ اردو ڊائجسٽ جي باني الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق مرحوم الطاف حسن قريشي جي صحافت، ادب ۽ قومي شعور جي بيداري لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته الطاف …

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مشهور صحافي، ڪالم نگار، دانشور ۽ اردو ڊائجسٽ جي باني الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق مرحوم الطاف حسن قريشي جي صحافت، ادب ۽ قومي شعور جي بيداري لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته الطاف حسين قريشي پنهنجي لکڻين، فڪري بصيرت ۽ اصولي صحافت ذريعي ڪيترن ئي نسلن جي رهنمائي ڪئي آهي. سندس شمار پاڪستان جي صحافت جي انهن معتبر نالن ۾ ٿئي ٿو جن قومي ۽ ملي قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته سندس لاڏاڻي سان صحافت ۽ علمي دنيا هڪ مدبر، بااصول ۽ صاحب فڪر شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. مرحوم جي صحافتي، ادبي ۽ فڪري خدمتن کي هميشا صدر ۽ احترام جي نظر سان ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي ڪٽنب ڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.