ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن سبب ٽيڪس سڌارن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن سبب ٽيڪس سڌارن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي سهولتڪاري ۽ پاليسي سهڪار سبب توانائي، ريفائنري اپ گريڊيشن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم جاري آهن. ايندڙ بجيٽ 27-2026ع آئل ريفائنريز لاءِ وڏو ٽيڪس مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي اهم ڪردار …

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن سبب ٽيڪس سڌارن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي سهولتڪاري ۽ پاليسي سهڪار سبب توانائي، ريفائنري اپ گريڊيشن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم جاري آهن. ايندڙ بجيٽ 27-2026ع آئل ريفائنريز لاءِ وڏو ٽيڪس مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فيلڊ ريفائنري اپ گريڊيشن پاليسي بابت ٽيڪس رڪاوٽون ختم ڪرڻ بعد اپ گريڊيشن جو عمل تيز ٿيندو. معاشي ماهرن مطابق مقامي سيڙپڪاري ۾ توسيع ۽ اپ گريڊيشن سبب پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. ملڪ ۾ توانائي جي قيمتن ۽ غير مستقل ٽيڪس پاليسين ۾ رڪاوٽ باوجود ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي مثالي رهي. ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن سبب سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، صنعتي اپ گريڊيشن ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتري لاءِ ادارن جي سطح تي سهڪار مضبوط ٿيندو.