مڪو شريف – 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان روٽ ٽو مڪه ۽ حج اڏامن ذريعي مجموعي طور تي هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق مقدس هنڌن ۾ پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو تيزي سان جاري آهي ۽ هاڻي رڳو 18 سيڪڙو (21626) حج پانڌيئڙن جي آمد رهيل آهي. هن جو …
حج 2026ع: هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا، 99 سيڪڙو ميڊيڪل عملي، 98 سيڪڙو مددگارن ۽ 93 سيڪڙو ٽيڪنيڪل اسٽاف ذميواريون سنڀالي ورتيون

مزید خبریں
مڪو شريف – 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان روٽ ٽو مڪه ۽ حج اڏامن ذريعي مجموعي طور تي هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق مقدس هنڌن ۾ پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو تيزي سان جاري آهي ۽ هاڻي رڳو 18 سيڪڙو (21626) حج پانڌيئڙن جي آمد رهيل آهي. هن جو چوڻ هو ته هن وقت تائين پاڪستان مان مديني شريف ۾ 176 ۽ جده ۾ 212 حج اڏامون لينڊ ڪري چڪيون آهن. سعودي عرب پهتل مجموعي پانڌيئڙن مان 94 سيڪڙو هن وقت مڪي شريف ۾ موجود آهن جڏهن ته 6 سيڪڙو مديني شريف ۾ ترسيل آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي انگن اکرن مطابق حج پانڌيئڙن جي خدمت، رهنمائي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ ويلفيئر اسٽاف جي مقرري جو 97 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. هن وقت تائين 98 سيڪڙو حج مددگارن، 93 سيڪڙو خدام ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ 99 سيڪڙو ميڊيڪل عملي سعودي عرب پهچي پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. مڪي شريف ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ مجموعي طور تي بسن جو انگ وڌائي 446 ڪيو ويو آهي، جن ذريعي سمورن هڪ لک حج پانڌيئڙن کي 24 ڪلاڪ بهترين سفري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.











