واشنگٽن – 16 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تائيوان کي چين کان باضابطه آزادي جو اعلان ڪرڻ بابت خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ بيجنگ ۾ چيني صدر سي جن پنگ سان ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس جي پڃاڻي تي چيو ته مان نه ٿو چاهيان ته ڪا به ڌر آزادي جي معاملي تي ڳالهائي. واضح رهي ته آمريڪا جو روايتي موقف اهو ئي رهيو …
ڊونلڊ ٽرمپ تائيوان کي چين کان باضابطه آزادي جو اعلان ڪرڻ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن – 16 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تائيوان کي چين کان باضابطه آزادي جو اعلان ڪرڻ بابت خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ بيجنگ ۾ چيني صدر سي جن پنگ سان ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس جي پڃاڻي تي چيو ته مان نه ٿو چاهيان ته ڪا به ڌر آزادي جي معاملي تي ڳالهائي. واضح رهي ته آمريڪا جو روايتي موقف اهو ئي رهيو آهي ته هو تائيوان جي آزادي جي حمايت نه ٿو ڪري، جڏهن ته بيجنگ سان لاڳاپا ان ئي بنياد تي قائم آهن ته دنيا ۾ رڳو هڪ چين جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي. واشنگٽن واپسي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ ٻڌايو ته سندس شي جن پنگ سان تائيوان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن مطابق شي جن پنگ ان معاملي تي تمام مضبوط موقف رکي ٿو ۽ تائيوان جي آزادي جي ڪنهن به تحريڪ کي نه ٿو ڏسڻ چاهي. شي جن پنگ ڳالهين دوران خبردار ڪيو ته تائيوان جو مسئلو چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ سڀني کان اهم آهي ۽ جيڪڏهن ان کي غلط طريقي سان اڪلايو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا هو تائيوان جي معاملي تي چين سان جنگ جو امڪان ڏسي ٿو ته هن چيو ته نه، مونکي ايئن نه ٿو لڳي، سڀ صحيع رهندو. شي جن پنگ جنگ نه ٿو چاهي.











