بيجنگ-15 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پانڊابانڊ جاري ڪرڻ پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ سڌاراجاتي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي، پر ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ مالياتي تعاون جي هڪ نئين دور جي شروعات پڻ آهي، بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ منعقد ڪيل پانڊابانڊ جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جنهن ۾ چين جي حڪومت، گهڻ رخي ترقياتي …
پانڊابانڊ جاري ڪرڻ پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ سڌاراجاتي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
بيجنگ-15 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پانڊابانڊ جاري ڪرڻ پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ سڌاراجاتي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي، پر ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ مالياتي تعاون جي هڪ نئين دور جي شروعات پڻ آهي، بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ منعقد ڪيل پانڊابانڊ جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جنهن ۾ چين جي حڪومت، گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن، ريٽنگ ايجنسين، مالياتي ادارن جي نمائندن، سيڙپڪارن ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير خطاب ڪندي چيو ته هي ڪامياب تقريب اعتماد، حصيداري، جدت، مالي تعاون ۽ پائيدار ترقي ۽ علائقائي رابطن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته هي موقعو ان لحاظ سان به خاص اهميت رکي ٿو ته پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملهائي رهيا آهن جيڪو گڏيل احترام، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ هڪٻئي جي ترقي لاءِ پختي حمايت تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پانڊابانڊ جاري ٿيڻ ٻطرفي معاشي تعاون جي وڌندڙ مضبوطي ۽ پاڪستان جي معاشي رخ تي چيني ادارن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو پهريون ملڪ جنهن پانڊا بانڊ جاري ڪيو آهي. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ٻن سالن جي وسيع تياري ۽ چيني ريگوليٽرز، ترقياتي حيصدارن ، صلاحڪارن ۽ مارڪيٽ جي شرڪت ڪندڙن سان ويجهي تعاون کانپوءِ 7.2 ارب چيني يو آن جي پانڊابانڊ پروگرام کي ڪاميابي سان عمل ۾ آندو. هن ٻڌايو ته 1.75 ارب چيني يو آن جي شروعاتي جاري ڪرڻ تي غير معمولي مثبت رد عمل مليو ۽ هي مقرر ڳاڻيٽي کان وڌيڪ سبسڪرائيب ٿيو جيڪو پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ سڌاراجاتي ايجنڊا تي سيڙپڪارن جي مضبوط اعتماد جوثبوت آهي. وفاقي وزير چائنا انٽرنيشنل ڪيپيٽل ڪوآپريشن جي ليڊ انڊر رائيٽر قيادت ۽ معاونت کي ساراهيو. جڏهن ته بئنڪ آف چائنه، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ۽ هونگٽا سيڪيورٽيز جي گڏيل طور ليڊ انڊر رائيٽرز خدمتون ۽ ايڇ بي ايل جي مالي صلاحڪار طور مدد تي به ٿورو مڃيو. هن ايشين انفرا اسٽرڪچر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ انويسٽ بئنڪ طرفان ڪريڊٽ گارنٽين کي به ساراهيو جن پاڪستان جي چيني آن شور بنڊ مارڪيٽ ۾ ڪامياب داخلا کي ممڪن بڻايو. بانڊ جاري ڪرڻ جي پائيدار رخ کي اجاگر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته هي پاڪستان جو پهريون پائيدار پانڊا بانڊ آهي جنهن سان حاصل ٿيندڙ رقم، پاڻي، توانائي ۽ صحت جي شعبن جي منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي، جيڪو حڪومت جي جامع ۽ پائيدار ترقي جي عزم جو اظهار آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته هي ڪامياب بانڊ جاري ڪرڻ جي پڄاڻي نه پر پاڪستان ۽ چيني سيڙپڪار مارڪيٽ وچ ۾ ڊگهي مدي واري حصيداري جي شروعات آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته 7.2 ارب چيني يو آن جي پروگرام جو قيام مستقبل ۾ وڌيڪ بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندو ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مالي رابطا ۽ پائيدار معاشي تعاون کي هٿي ڏيندو.











