آذربائيجان جي انصاف واري وزير جو قانون ۽ انصاف واري وزارت جو دورو، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي “ميڊل فار جسٽس“ سان نوازيو ويو

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) آذربائيجان جو اعليٰ سطحي وفد انصاف واري وزير فريد احمدوف جي سربراهي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جو دورو ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۽ تقريب جي گڏيل صدارت قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر  اعظم نذير تارڙ ۽ آذربائيجان واري انصاف واري وزير فريد احمدوف ڪئي. وزارت آمد تي مملڪتي وزير بئريسٽر  عقيل ملڪ، قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري راجا …

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) آذربائيجان جو اعليٰ سطحي وفد انصاف واري وزير فريد احمدوف جي سربراهي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جو دورو ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۽ تقريب جي گڏيل صدارت قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر  اعظم نذير تارڙ ۽ آذربائيجان واري انصاف واري وزير فريد احمدوف ڪئي. وزارت آمد تي مملڪتي وزير بئريسٽر  عقيل ملڪ، قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر ۽ ٻين اعليٰ علدارن معزز وفد جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ قانوني رابطن جي مضبوطي جي عڪاسي ڪري ٿو. ان موقعي تي هڪ تاريخي تقريب ۾ آذربائيجان جي وزير وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙکي “ميڊل فار جسٽس“ پيش ڪيو. هي پنهنجي نوعيت جو پهريون اعزاز آهي جيڪو آذربائيجان جي انصاف واري وزارت طرفان ڪنهن به پرڏيهي وزير کي ڏنو ويو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي قانوني نظامن وچ ۾ وڌندڙ حصيداري جي علامت آهي، اجلاس دوران آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف هڪ بهترين ۽ نتيجا ڏيندڙ دوري جو بندوبست ڪرڻ تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ سندس ٽيم جو ٿورو مڃيو ۽ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن تي روشني وجهندي فريد احمدوف جڊيشل ٽريننگ جي شعبي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وفد کي قانون واري وزارت جي طريقيڪار ۽ ورڪنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آذربائيجان جي وفد قانوني شعبي ۾ پاڪستان جي هاڻوڪي ڊجيٽل قدمن خاص ڪري ڪيس مينيجمينٽ سسٽم ۽ عدالتن جي آٽوميشن کي بي حد ساراهيو. ٻنهي وزيرن پاڪ آذربائيجان دوستي ۽ ماحول دوستي جي علامت طور وزارت جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پوکيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين طرفان قانوني ۽ عدالتي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي پختي عزم کي ورجايو.