اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ، عوام کي محفوظ، جديد ۽ تيز سفري سهولتن جي فراهمي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ ادارن جي سطح تي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن ان ڳالهه …
مواصلات بابت وفاقي وزير جي ريلوي جي وفاقي وزير سان ملاقات، ادارن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ، عوام کي محفوظ، جديد ۽ تيز سفري سهولتن جي فراهمي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ ادارن جي سطح تي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪي ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوامي سهولتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مواصلات ۽ ريلوي جو اثرائتو ۽ جديد نظام اڻٽر آهي. هن پاڪستان جي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي جديد بڻائڻ، سفري سهولتن ۾ اضافي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو. مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ريلوي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ريلوي کي پاڻ ڀرو ۽ منافعي بخش ادارو بڻائڻ لاءِ محمد حنيف عباسي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ريلوي جي نظام ۾ بهتري سان نه رڳو عوام کي بهتر سفري سهولتون ميسر اينديون پر ملڪي معيشت ۽ واپاري سرگرمين کي به نمايان فائدو پهچندو. ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته حڪومت عوام کي جديد، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف ادارن وچ ۾ اثرائتو سهڪار وقت جي اهم ضرورت آهي. ٻنهي وفاقي وزيرن قومي ادارن جي مضبوطي، عوامي خدمتن جي عزم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











