صدر شي جن پنگ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ اهم معاملن تي اتفاق راءِ

بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي) صدر شي جن پنگ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي نون گڏيل نڪتن تي اتفاق ڪيو. …

بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي) صدر شي جن پنگ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي نون گڏيل نڪتن تي اتفاق ڪيو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن سميت دنيا کي درپيش اهم مسئلن تي ڳالهيون ٿيون. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون هاڪاري ۽ تعميري رهيون، جنهن سبب گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت وڌيڪ تفصيل جاري ناهي ڪئي پر بيان ۾ ان ملاقات کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي.

مزید خبریں