بيجنگ-15 مئي(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر جمعي تي پنهنجي دوري جي پڄاڻي تي چين جي گادي واري شهر بيجنگ مان واپس روانو ٿيو. دورو 13 مئي کان 15 مئي تائين جاري رهيو. آمريڪي صدر چيني هم منصب شي جن پنگ ملاقات دوران دعوت تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندس چين جو دورو …
آمريڪي صدر چين جو دورو مڪمل ڪري ، واپس وطن روانو

مزید خبریں
بيجنگ-15 مئي(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر جمعي تي پنهنجي دوري جي پڄاڻي تي چين جي گادي واري شهر بيجنگ مان واپس روانو ٿيو. دورو 13 مئي کان 15 مئي تائين جاري رهيو. آمريڪي صدر چيني هم منصب شي جن پنگ ملاقات دوران دعوت تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندس چين جو دورو انتهائي ڪامياب ۽ يادگار رهيو ۽ ان سڄي دنيا جو ڌيان ڇڪايو. هن چيو ته هو چين جي صدر سان مخلص ۽ گهرا رابطا جاري رکڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو سندس واشنگٽن آجيان لاءِ انتظار ڪري رهيو آهي.











