سيئول – 15 مئي (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جو صدر لي جي ميونگ ۽ جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي 19 ۽ 20 مئي تي ڏکڻ ڪوريا جي شهر اينڊونگ ۾ اهم سربراهي ملاقات منعقد ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي آفيس بليو هائوس مطابق هلندڙ سال ٻنهي اڳواڻن جي اها ٻئين ملاقات هوندي. ان کان اڳ جنوري ۾ صدر لي جي ميونگ جاپان جي شهر نارا جو …
ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جا اڳواڻ 19 ۽ 20 مئي تي سربراهي ملاقات ڪندا

مزید خبریں
سيئول – 15 مئي (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جو صدر لي جي ميونگ ۽ جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي 19 ۽ 20 مئي تي ڏکڻ ڪوريا جي شهر اينڊونگ ۾ اهم سربراهي ملاقات منعقد ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي آفيس بليو هائوس مطابق هلندڙ سال ٻنهي اڳواڻن جي اها ٻئين ملاقات هوندي. ان کان اڳ جنوري ۾ صدر لي جي ميونگ جاپان جي شهر نارا جو دورو ڪيو هو، جيڪو وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جو اباڻو شهر آهي. بيان مطابق اها ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري ”شٽل ڊپلوميسي“ جو حصو آهي، جنهن جو مقصد ٻه طرفا لاڳاپن ۽ علائقائي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.











