سي آءِ اي سربراهه جو ڪيوبا جو دورو، اهم سيڪيورٽي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهيون

واشنگٽن – 15 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف ڪيوبا جو دورو ڪندي هوانا ۾ اعليٰ ڪيوبن اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ انٽيلي جنس سهڪار، معاشي استحڪام ۽ سيڪيورٽي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جان ريٽڪلف ڪيوبا جي اڳوڻي صدر رال ڪاسترو جي پوٽي رال گيئر موروڊريگز ڪاسترو، گهرو وزير لازارو الواريز ڪاساس ۽ …

واشنگٽن – 15 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف ڪيوبا جو دورو ڪندي هوانا ۾ اعليٰ ڪيوبن اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ انٽيلي جنس سهڪار، معاشي استحڪام ۽ سيڪيورٽي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جان ريٽڪلف ڪيوبا جي اڳوڻي صدر رال ڪاسترو جي پوٽي رال گيئر موروڊريگز ڪاسترو، گهرو وزير لازارو الواريز ڪاساس ۽ ڪيوبا جي انٽيلي جنس سروسز جي سربراهه سان ملاقات ڪئي. سي آءِ اي جي هڪ اهلڪار مطابق ريٽڪلف اهو دورو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو پيغام پهچائڻ لاءِ ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته آمريڪا اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي سنجيده ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر ان لاءِ ڪيوبا کي بنيادي تبديليون ڪرڻيون پونديون. ٻئي پاسي ڪيوبا جي حڪومت به هڪ بيان ۾ تصديق ڪئي ته اهي ملاقاتون واشنگٽن جي درخواست تي منعقد ٿيون.

مزید خبریں