ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان تاجڪ سفير جي ملاقات، موسمياتي تبديلي، جنگلي جيوت جي تحفظ ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ

 اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي، پاڻي، ماحوليات، جنگلي جيوت جي تحفظ ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏيل تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خاص ڪري تاجڪستان جي گاديءَ واري هنڌ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ پائيدار ترقيءَ لاءِ …

 اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي، پاڻي، ماحوليات، جنگلي جيوت جي تحفظ ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏيل تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خاص ڪري تاجڪستان جي گاديءَ واري هنڌ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ پائيدار ترقيءَ لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي 28-2018ع جي عنوان سان چوٿين اعليٰ سطحي بين الاقوامي ڪانفرنس تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ وزيراعظم پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. سفير چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جاگرافيائي ۽ ماحولياتي لحاظ کان ڪيتريون ئي هڪجهڙايون رکن ٿيون. هن ٻُڌايو ته ٻنهي ملڪن ۾ تقريبن 13 هزار گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته موسمياتي تبديلي ۽ وقت گذرڻ سبب ٻئي ملڪ تقريبن هڪ هزار گليشيئرز وڃايا آهن. هن چيو ته  گليشيئرز جي پگهرجڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي تعاون اڻٽر آهي. سفير چيو ته مارخور، برفاني چيتي، آءِ بيڪس ۽ مختلف لڏپلاڻ ڪندڙ پکين سميت ڪيترائي محفوظ جنگلي جيوت ٻنهي ملڪن ۾ ڏٺا وڃن ٿا. هن ٻُڌايو ته تاجڪستان ان قسم جي تحفظ لاءِ خصوصي محفوظ واديون ۽ زونز قائم ڪيون آهن. هن جنگلي جيوت ۽ حياتياتي جدت جي تحفظ لاءِ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ ان حوالي سان مفاهمت يادداشتن ۽ معاهدن جي ضرورت تي زور ڀريو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته توانائي، پاڻي ۽ موسمياتي تبديلي هڪٻئي سان جُڙيل شعبا آهن ۽ ان سان لاڳاپيل چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي تعاون اڻٽر آهي. هن موسمياتي مزاحمت، آبي وسيلن جي انتظام، جنگلي جيوت جي تحفظ، پائيدار ترقيءَ جي شعبن ۾ تاجڪستان سان وڌيڪ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ هڪ اهڙي علائقائي ڪوريڊور جي قيام ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي جيڪا موسمياتي تعاون، جنگلي جيوت جي تحفظ ۽ ٻه طرفي واپار سميت علائقائي رابطن کي هٿي ڏئي سگهي. ملاقات دوران سفير موسمياتي ۽ آبي انتظام جي حوالي سان علائقائي موسيماتي پيٽرنز مان فائدو کڻڻ ۽ جديد ماحولياتي طريقيڪار جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. سفير چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جو عوام گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي رشتن ۾ ٻڌل آهي ۽ سرحد باوجود ٻئي قومون هڪٻئي جي ويجهو آهن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.