اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ معاهدا وڏي اهميت رکن ٿا. حق جي ويڙهه ۾ آذربائيجان جو پاڪستان لاءِ پختي حمايت ساراهه جوڳي آهي. اهڙو اظهار هن آذربائيجان جي 108هين قومي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير …
پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ معاهدا وڏي اهميت رکن ٿا: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ معاهدا وڏي اهميت رکن ٿا. حق جي ويڙهه ۾ آذربائيجان جو پاڪستان لاءِ پختي حمايت ساراهه جوڳي آهي. اهڙو اظهار هن آذربائيجان جي 108هين قومي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، شزه فاطمه خواجه، فاروق ستار، مصدق ملڪ، قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. سفير خضر فرهادوف، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين مهمانن جي آجيان ڪئي. عبدالعليم خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آذربائيجان لاءِ پاڪستان طرفان خيرسگالي ۽ مبارڪن جو پيغام ڏيون ٿا. آذربائيجان مسلم دنيا ۾ پهريون پارلياماني جمهوريه ملڪ جو اعزاز رکي ٿو. گهرا تاريخي ۽ جدت سان اُڀرڻ آذربائيجان جي انفراديت آهي. وفاقي وزير چيو ته 1991ع ۾ آذربائيجان جي آزاديءَ کانپوءِ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن کي نئون رُخ مليو. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي شاندار ويزن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏجي 21هين صدي جي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽريڊ ۽ ٽرانزٽ معاهدا وڏي اهميت رکن ٿا. خطي ۾ خاص ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ زميني رابطن ۾ واڌ جا خواهشمند آهيون. گذريل سال 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين آذربائيجان جي سياحت ڪئي. اسلام آباد ۽ باڪو وچ ۾ ڏينهون ڏينهن مفاصلا گهٽ ٿي رهيا آهن. عبدالعليم خان چيو ته حق جي ويڙهه ۾ آذربائيجان جي پاڪستان لاءِ پختي حمايت ساراهه جوڳي آهي. پاڪستاني عوام آذربائيجان طرفان سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت تي ٿورائتو آهي. مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ڏنل ساٿ کي ڪڏهن به نٿا وساري سگهون. تقريب ۾ آذربائيجان جي قومي ڏينهن جي حوالي سان ڌُنون، ثقافتي پروگرام ۽ پاڪستاني نغما به شامل هئا. تقريب ۾ آذربائيجان ۽ پاڪستان جا جهنڊا قومي ترانن جي گونج ۽ پاڪ آذربائيجان دوستي زندهه باد جا فلوٽ به شامل هئا.











