اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف جي اڳواڻيءَ ۾ وفد قومي اسيمبليءَ جو دؤرو ڪيو ۽ ايوان جي ڪارروائي ڏٺي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ ڊپٽي اسپيڪر وفد جي آجيان ڪئي. جڏهن ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان آذربائيجان جي انصاف واري وزير ۽ وفد کي ڀليڪار …
آذربائيجان جي انصاف واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ وفد جو قومي اسيمبليءَ جو دؤرو

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف جي اڳواڻيءَ ۾ وفد قومي اسيمبليءَ جو دؤرو ڪيو ۽ ايوان جي ڪارروائي ڏٺي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ ڊپٽي اسپيڪر وفد جي آجيان ڪئي. جڏهن ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان آذربائيجان جي انصاف واري وزير ۽ وفد کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي حمايت تي اسان آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن.











