بجيٽ سازيءَ جو عمل ناڻي واري وزارت يا فنانس ڊويزن کان منتقل ناهي ڪيو ويو، پکڙيل خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي: ناڻي واري وزارت جي وضاحت

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وزارت واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به مرحلي تي بجيٽ سازيءَ جو عمل ناڻي واري وزارت يا فنانس ڊويزن کان منتقل ناهي ڪيو ويو آهي. وفاقي بجيٽ جي تياريءَ جو عمل ناڻي واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ جاري آهي. مقامي انگريزي اخبار ۾ شايع ٿيل خبر گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي. خميس ڏينهن ناڻي واري وزارت مان جاري وضاحتي بيان …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وزارت واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به مرحلي تي بجيٽ سازيءَ جو عمل ناڻي واري وزارت يا فنانس ڊويزن کان منتقل ناهي ڪيو ويو آهي. وفاقي بجيٽ جي تياريءَ جو عمل ناڻي واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ جاري آهي. مقامي انگريزي اخبار ۾ شايع ٿيل خبر گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي. خميس ڏينهن ناڻي واري وزارت مان جاري وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزارت 14 مئي 2026ع تي مقامي انگريزي اخبار ۾ شايع ٿيل خبر ۾ پيش ڪيل گمراهه ڪندڙ قياس آرائين تي ٻڌل تاثر کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو. ناڻي واري وزارت موجب ڄاڻايل خبر ۾ وزيراعظم طرفان اعليٰ سطح جي جائزي واري ڪميٽي جي قيام کي ان انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ ناڻي واري وزارت يا فنانس ڊويزن کان ورتو ويو آهي، ناڻي واري وزير کي ان عمل کان ڌار ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت واضح ڪيو آهي ته اهو تاثر حقيقتن جي ابتڙ، گمراهه ڪندڙ ۽ ڪميٽيءَ جي اصل مينڊيٽ ۽ طريقيڪار جي درست عڪاسي نٿو ڪري. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم طرفان قائم ڪيل ڪميٽي کي ايندڙ بجيٽ جي روشنيءَ ۾ ٽيڪس پاليسي آفيس جي تيار ڪيل ٽيڪس تجويزن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جو تجزيو ڪرڻ جي ذميداري سونپي وئي آهي. اهڙي نوعيت جي مشاورتي ۽ بين الوزارتي جائزه طريقيڪار نه ته غير معمولي آهي ۽ نه ئي غير روايتي، خاص ڪري ان وقت جڏهن مالياتي قدمن جا وسيع، معاشي، سياسي ۽ عوامي اثر پوڻ جا امڪان هجن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت جي سربراهه جي حيثيت سان وزيراعظم کي مڪمل آئيني ۽ انتظامي اختيار حاصل آهي ته هو اهڙين ٽيڪس تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ لاڳاپيل ڪابينه جي ميمبرن سان وسيع تر مشاورت ڪري جن جا ڪاروباري، مهانگائي، سيڙپڪاريءَ جي ماحول ۽ مجموعي معيشت تي اثر پئجي سگهن ٿا. ناڻي واري وزارت واضح ڪيو ته ڪنهن به مرحلي تي بجيٽ سازيءَ جو عمل ناڻي واري وزارت يا فنانس ڊويزن کان منتقل نه ڪيو ويو. وفاقي بجيٽ جي تياري جنهن ۾ مجموعي معاشي فريم ورڪ، مالياتي حڪمت عملي ۽ خرچن جي منصوبا بندي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ۽ مجموعي بجيٽ رابطا ڪاري شامل آهي، بدستور ناڻي واري وزارت ئي ناڻي واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ انجام ڏئي رهي آهي. بيان ۾ ٻُڌايو ويو ته ناڻي وارو وزير پاڻ به وزيراعظم جي  قائم ڪيل ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ بجيٽ مجموعي معاشي معاملن تي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان پاڪستان جي ڳالهين جي مسلسل اڳواڻي ڪري رهيو آهي. بيان موجب انفورسمنٽ قدمن بابت قائم ڪيل ڪميٽيءَ جو مقصد به صرف محصولن جي انتظام ۽ انفورسمنٽ جي تجويزن کي لاڳاپيل حصيدارن سان مشاورت ذريعي وڌيڪ مؤثر ۽ مضبوط بڻائڻ آهي، ان نوعيت جي رابطا ڪاريءَ جو نظام حڪومتي نظم و نسق ۽ مالياتي انتظام جي معمول جو حصو هوندا آهن. ناڻي واري وزارت چيو ته خبر جي سُرخي بظاهر اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ترتيب ڏني وئي ته حڪومت اندر اختلاف موجود آهن، جيتوڻيڪ اهڙي صورتحال ناهي. وفاقي بجيٽ هڪ اجتماعي آئيني ۽ ڪابينه تحت هلندڙ عمل آهي جيڪو وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ طئي ٿيندو آهي. جڏهن ته ناڻي واري وزارت پنهنجو مرڪزي، آئيني ۽ اداره جاتي ڪردار ادا ڪري ٿي.