اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف ٻاهرئين ملڪ مان هلائي ويندڙ بدنيتي تي ٻڌل منفي مهم جو مقصد غلط معلومات ۽ غلط فهميُون پيدا ڪرڻ آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي مجروح ڪرڻ جي غيرپيشيواراڻي ڪوشش امن کان بيزار عنصرن جي مايوسي کي ظاهر ڪري ٿي. سماجي رابطي …
پاڪستان جي خلاف ٻاهرئين ملڪ مان هلائي ويندڙ بدنيتي تي ٻڌل منفي مهم جو مقصد غلط معلومات ۽ غلط فهميُون پيدا ڪرڻ آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف ٻاهرئين ملڪ مان هلائي ويندڙ بدنيتي تي ٻڌل منفي مهم جو مقصد غلط معلومات ۽ غلط فهميُون پيدا ڪرڻ آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي مجروح ڪرڻ جي غيرپيشيواراڻي ڪوشش امن کان بيزار عنصرن جي مايوسي کي ظاهر ڪري ٿي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان جي خلاف ٺوس منفي مهم هلائي پئي وڃي، مخصوص مقصدن جي لاءِ بدنيتي تي ٻڌل اها مهم ٻاهرئين ملڪ مان هلائي پئي وڃي جنهن جو مقصد نامعلوم ذريعن ۽ عملدارن جي حوالي سان ڄاڻي واڻي مس انفارميشن کي هوا ڏيڻ ۽ غلط فهميُون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي مجروح ڪرڻ جا اها غيرپيشيواراڻي ڪوشش انهن عنصرن جي مايوسي کي ظاهر ڪري ٿي جيڪي امن کان بيزار آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معتبر مقامي ميڊيا ذريعن سميت ڪيترن ئي فيڪٽ چيڪ فورمز پاران حقيقتن ۽ تصديق جي ذريعي ان پروپئگنڊه کي اڳ ۾ ئي رد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان چڱي طرح سمجهون ٿا ته اهڙين خبرن جي پٺيان ڪجهه عنصر خاص طور تي امن جا مخالف سرگرم آهن جيڪي خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار، ٻاهرئين سرپرستي ۽ سهڪار سان ٿيندڙ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي مسلسل ۽ ڪامياب جنگ کي تسليم ڪرڻ کان قاصر آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته دهشتگردي جو خاتمو، تڪرارن جو حل ۽ امن قائم ڪرڻ شايد انهن ماڻهن کي پسند نه آهي جيڪي ان ڪڌي مهم جي پٺيان آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ان جي ذميوار ميڊيا ان ڪڌي مهم جي پٺيان لڪل عنصرن جي ڪڌي ارادن کي بي نقاب ڪندا رهندا. هن چيو ته ان ڪڌي مهم کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني ميڊيا ۽ انفلوئنسرز جون ڪوششون ۽ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.











