اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ سفارتڪاري، بامعنى ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري حصيداري تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن. هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندراني ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف …
پاڪستان علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ سفارتڪاري، بامعنى ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري حصيداري تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ سفارتڪاري، بامعنى ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري حصيداري تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن. هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندراني ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر ۽ آذربائيجان جي اعلى قيادت سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ پاڪستان پاران ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي ايندڙ ورلڊ اربن فورم منعقد ڪرڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. ترجمان ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي وچ اوڀر تڪرار جي لاءِ ذاتي ايلچي زان آرنو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. زان آرنو علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ساراهه جو اظهار ڪيو ۽ ان ڏس ۾ گڏيل قومن جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير علائقائي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي اجاگر ڪيو. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت ۽ ڪردار تي ٿورا ادا ڪيا. هن ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير امن جي فروغ ۽ سفارتي ذريعن کي اڳتي وڌائڻ جي اسان جي ڪوششن تحت پنهنجي هم منصبن سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. 8 مئي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ويوين بالا ڪرشن ۽ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان جدا جدا ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ سنگاپور جي سامونڊي علائقي ويجهو آمريڪي عملدارن پاران تحويل ۾ ورتل سامونڊي جهازن تي موجود پاڪستاني ۽ ايراني مُهاڻن جي ڀلائي ۽ وطن واپسي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي علائقائي اڳڀرائي ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. 11 مئي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ترجمان ٻڌايو ته سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪردار کي ساراهيو ۽ خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري رابطن دوران علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ اسلام آباد جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن آبنائي هرمز سميت سامونڊي سلامتي جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻڌايو ته 12 مئي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسٽريا جي پرڏيهي وزير بياتي مائنل رائزنگر سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آسٽريا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪردار خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه واري عمل ۾ سهولتڪاري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ تازي علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سهولتڪاري جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين مسلسل سفارتڪاري جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، پائيدار جنگبندي ۽ آبنائي هرمز مان محفوظ گذرگاهه جي اهميت تي زور ڏنو جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اعلى سطحي مٽاسٽا جو پڻ جائزو ورتو ويو. ترجمان واضح ڪيو ته ان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه بابت ميڊيا رپورٽنگ ۾ ڪجهه اطلاعن ۾ چيو ويو ته چيني ڌر پاڪستان تي ثالثي جون ڪوششون وڌائڻ تي زور ڏنو جنهن مان اهو تاثر پيدا ٿيو جهڙوڪ پاڪستان کان “وڌيڪ قدمن” جو مطالبو ڪيو ويو هجي. ڪجهه مقامي اخبارن جي خبرن ۾ پڻ اهو تاثر ڏنو ويو. آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اهڙيون رپورٽون ڳالهه ٻولهه جي روح ۽ حقيقت ٻنهي جي صحيح عڪاسي نه ٿيون ڪن. اها ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي تعميري ثالثي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ان حوالي سان چين جي حمايت جا ٿورا ادا ڪيا. هن ٻڌايو ته پاڪستان نور خان ايئربيس تي ايراني جهاز جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي قطعي طور تي رد ڪندي ان کي گمراهه ڪندڙ، قياس آرائين تي ٻڌل ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو. لاڳاپيل جهاز جنگبندي دوران اسلام آباد ڳالهه ٻولهه بابت سفارتي سرگرمين ۾ سهڪار جي لاءِ آيو هو جنهن ۾ سفارتي عملي، سيڪيورٽي ٽيمن ۽ انتظامي اهلڪارن جي اچ وڃ شامل هئي ۽ ان جو ڪنهن فوجي هنگامي صورتحال يا تحفظاتي انتظام سان ڪو تعلق نه هو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ هڪ تعميري ۽ شفاف سهولتڪار جي طور تي پنهنجي ڪردار جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته علائقائي امن، استحڪام ۽ مسلسل سفارتي رابطن جي لاءِ پنهنجي عزم کي پڻ ورجايو. هن چيو ته بنون ۾ پوليس چوڪيءَ تي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي دهشتگرد حملي کانپوءِ افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سختي احتجاجي مراسلو ڏنو ويو. پاڪستان 9 مئي 2026ع تي بنون جي فتح خيل پوليس پوسٽ تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 پوليس اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن چيو ته شروعاتي جاچ، ٽيڪينڪي انٽيلي جنس ۽ ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان حملي جي منصوبابندي افغان سرزمين تان ڪارروائي ڪندڙ دهشتگردن ڪئي. پنهنجي احتجاجي مراسلي ۾ اسان افغان عملدارن تي زور ڏنو ته اهي فتنه الخوارج، فتنه الهندستان ۽ آءِ ايس ڪي پي/ داعش سميت دهشتگرد گروهن جي خلاف فوري، ٺوس ۽ تصديق جوڳا قدم کڻي. هن ٻڌايو ته پاڪستان قومي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه جو عزم ظاهر ڪيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهندڙ سمورن دهشتگرد نيٽ ورڪس، سهولتڪارن ۽ معاونين جو فيصلائتو خاتمو ڪيو ويندو.











