اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. آذربائيجان جي آزادي واري ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻئي ملڪ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن ۽ مختلف عالمي ۽ پارلياماني فورمز تي هڪٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين …
پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. آذربائيجان جي آزادي واري ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻئي ملڪ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن ۽ مختلف عالمي ۽ پارلياماني فورمز تي هڪٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي ڪاميابي تي آذربائيجان ۾ به ڀرپور جشن ملهايو ويو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهري دوستي ۽ يڪجهتي جو ثبوت آهي. هن چيو ته بين الپارلياماني يونين ۽ ايشين پارلياماني اسيمبلي ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي موقف ۾ نمايان هم آهنگي ڏٺي ويندي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آذربائيجان اسلام آباد ۾ جديد فن تعمير ۽ ترقياتي ويزن متعارف ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي، ثقافتي ۽ واپاري رابطا به تيزي سان هٿي وٺي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان لاءِ آذربائيجان جي هفتيوار 11 اڏامون شروع ڪيون ويون آهن، جن ذريعي اسلام آباد ۽ لاهور کان سفري سهولتون ميسر آهن، جڏهن ته پاڪستان کان آذربائيجان جو سفر 3 ڪلاڪن کان گهٽ وقت ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڏامن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو ته جيئن عوامي رابطن ۽ سياحت کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. هن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي دوستي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل تعاون ذريعي خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪندا رهندا.











