اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ضلعي بارکان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن آپريشن دوران فتنه الهندستان جي 7 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ آفيسر ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران بارکان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ضلعي بارکان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن آپريشن دوران فتنه الهندستان جي 7 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ آفيسر ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ميجر توصيف احمد ڀٽي، نائيڪ فدا حسين، سپاهي ذاڪر حسين، سپاهي سهيل احمد ۽ سپاهي محمد اياز جون عظيم قربانيون سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. پاڪستان جي بهادر فوج هڪ دفعو ٻيهر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. هن شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.











