اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعي بارکان جي نوشام ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪندي فتنه الهندستان جي 7 دهشتگردن کي مارڻ تي بهادر جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. ريلوي وزارت مان جاري بيان ۾ محمد حنيف عباسي آپريشن دوران شهيد ٿيل ميجر توسيف احمد ڀٽي، نائيڪ فداحسين، سپاهي ذاڪر حسين، سپاهي …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران بارکان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعي بارکان جي نوشام ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪندي فتنه الهندستان جي 7 دهشتگردن کي مارڻ تي بهادر جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. ريلوي وزارت مان جاري بيان ۾ محمد حنيف عباسي آپريشن دوران شهيد ٿيل ميجر توسيف احمد ڀٽي، نائيڪ فداحسين، سپاهي ذاڪر حسين، سپاهي سهيل احمد ۽ سپاهي محمد اياز کي سلام عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ لازوال قربانيون ڏئي قوم جو مرطبو بلند ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











