اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) عالمي امن لاءِ پاڪستان جي اثرائتي سفارتڪاري جي حوالي سان ڀارت ۽ اسرائيل جي گمراهه ڪن پروپيگنڊا مهم بي نقاب ٿي وئي آهي. پرڏيهي نشرياتي اداري ايران جي جهاز جي پاڪستان ۾ موجودگي جو من گهڙت ۽ منظم پروپيگنڊه ڪيو آهي. رلائينس نيٽ ورڪ ڀارتي ڪاروباري شخصيت مڪيش امباني جي ملڪيت آهي، ڀارتي واپاري مڪيش امباني انتهاپسند مودي جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو. …
عالمي امن لاءِ پاڪستان جي اثرائتي سفارتڪاري بابت ڀارت ۽ اسرائيل جي گمراهه ڪن پروپيگنڊا بي نقاب

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) عالمي امن لاءِ پاڪستان جي اثرائتي سفارتڪاري جي حوالي سان ڀارت ۽ اسرائيل جي گمراهه ڪن پروپيگنڊا مهم بي نقاب ٿي وئي آهي. پرڏيهي نشرياتي اداري ايران جي جهاز جي پاڪستان ۾ موجودگي جو من گهڙت ۽ منظم پروپيگنڊه ڪيو آهي. رلائينس نيٽ ورڪ ڀارتي ڪاروباري شخصيت مڪيش امباني جي ملڪيت آهي، ڀارتي واپاري مڪيش امباني انتهاپسند مودي جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو. انتظامي تبديلين کانپوءِ سي بي ايس ۾ ڀارتي واپاري مڪيش امباني جو سڌيءَ ريت اثر وڌي ويو آهي. اسرائيلي وزيراعظم سي بي ايس جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي آمريڪا اسرائيل لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو الزام به پاڪستان تي لاڳو ڪيو. ماهرن موجب پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار تي گمراهه ڪن ڀارتي ۽ اسرائيلي پروپيگنڊه عالمي امن کي خراب ڪرڻ جي شازش آهي. مڪيش امباني جو سي بي ايس تي اثر پوري پروپيگنڊه مهم کي بينقاب ڪيو آهي. پاڪستان جون امن بابت مخلصاڻيون ڪوششون ڀارت کي ناهن وڻي رهيون ڇو ته پنهنجي انتها پسند پاليسين سبب سڄي دنيا ۾ ڀارت اڪيلو ٿي چڪو آهي. اسرائيل ۽ ڀارت جو منظم پروپيگنڊه ۽ طرز عمل ان ڳالهه جي جي عڪاسي آهي ته عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ لڳاتار خطرو آهي.











