ريلوي واري وفاقي وزير پاران پشاور جي عوام کي جديد  سهولت سان  آراسته ” عوام ايڪسپرس “ جو تحفو “ عيد کان اڳ افتتاح ڪرڻ جو اعلان

 اسلام آباد _14 مئي (اي پي پي ) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پشاور جي عوام لاءِ عيد جي وڏي تحفي طور جديد سهولتن سان آراسته عوام ايڪسپريس جو عيد کان اڳ افتتاح ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ريلوي وزارت مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق وفاقي وزير چيو ته عوام ايڪسپريس جو باقاعده افتتاح 24 مئي تي ڪيو ويندو جڏهن ته ريل گاڏي کي مڪمل اپ گريڊ ڪري عيد …

 اسلام آباد _14 مئي (اي پي پي ) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پشاور جي عوام لاءِ عيد جي وڏي تحفي طور جديد سهولتن سان آراسته عوام ايڪسپريس جو عيد کان اڳ افتتاح ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ريلوي وزارت مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق وفاقي وزير چيو ته عوام ايڪسپريس جو باقاعده افتتاح 24 مئي تي ڪيو ويندو جڏهن ته ريل گاڏي کي مڪمل اپ گريڊ ڪري عيد کان اڳ مسافرن لاءِ پيش ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. هن چيو ته جديد  ٽريڪس سان آراسته عوام ايڪسپريس گهٽ وقت ۾ ڪراچي پهچي ڪري مسافرن کي تيز، آرام ده ۽ معياري سفري سهولت فراهم ڪندي . محمد حنيف عباسي چيو ته عوام کي معياري، محفوظ ۽ آرام ده سفري سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جو ويزن آهي . هن چيو ته هر وڏن شهرن کان هڪ پرائم ٽرين هلائي ويندي جڏهن ته ريلوي نظام کي جديد طريقي سان آراسته ڪرڻ لاءِ عملي قدم جاري آهن. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ريلوي ۾ بهتري ۽ مسافرن جي سهولت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ريلوي جي شعبي ۾ سڌاران جا ثمر عوام تائين پهچايا ويندا.