ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ گاڏين جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال دوران نمايان اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي)ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ گاڏين جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال دوران نمايان اضافو ٿيو آهي. پاڪستان آٽو مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا 293 يونٽس وڪرو ٿيا جيڪي گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 122 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي)ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ گاڏين جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال دوران نمايان اضافو ٿيو آهي. پاڪستان آٽو مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا 293 يونٽس وڪرو ٿيا جيڪي گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 122 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي 132 يونٽس جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو، اپريل ۾ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا 30 يونٽس وڪرو ٿيا جيڪي گذريل سال اپريل جي ڀيٽ ۾ 100 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل سال اپريل ۾ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي 15 يونٽس جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو، مارچ جي ڀيٽ ۾ اپريل ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ ماهوار بنيادن تي 43 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي، مارچ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي 53 يونٽس جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو اپريل ۾ گهٽجي 30 يونٽس رهجي ويو.