اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي اهڙن قدمن تي ڌيان ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي جن سان نه رڳو اوڳاڙين ۾ اضافو ٿئي پر معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي به هٿي ملي ۽ اڳ کان ٽيڪس ادا ڪندڙ شهرين تي اضافي بار نه پوي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، ايندڙ بجيٽ جي لاءِ ٽيڪس پاليسي آفيس جي تيار ڪيل تجويزن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي اهڙن قدمن تي ڌيان ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي جن سان نه رڳو اوڳاڙين ۾ اضافو ٿئي پر معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي به هٿي ملي ۽ اڳ کان ٽيڪس ادا ڪندڙ شهرين تي اضافي بار نه پوي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايندڙ بجيٽ جي لاءِ ٽيڪس پاليسي آفيس جي تيار ڪيل ٽيڪس تجويزن جو جائزو ورتو ويو ۽ سفارشون جوڙيون ويون. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. بيان موجب ڪميٽي انهن ٽيڪس تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو جن جو مقصد غيررسمي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ۽ ٽيڪس نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي. ڪميٽي اوڳاڙين ۾ اضافي، معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري تي انهن تجويزن جي اثرن جو جائزو وٺندي ٽيڪس پاليسي آفيس کي رهنمائي فراهم ڪئي. ڪميٽي ٽيڪس پاليسي آفيس کي هدايت ڪئي ته اهڙن قدمن تي ڌيان ڏنو وڃي جيڪي نه رڳو اوڳاڙين ۾ اضافو ڪن پر معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي پڻ هٿي ڏين، جڏهن ته اڳ کان ٽيڪس ادا ڪندڙ ذميوار شهرين تي ڪنهن اضافي بار جو سبب نه بڻجن.











