آمريڪا مان واپس آندل ثقافتي نوادرات جي نمائش ليگيسي ريٽرنز هوم جو افتتاح، نمائش پاڪستان جي تاريخ، تهذيب، سُڃاڻپ ۽ قومي ورثي جي هڪ اهم حصي جي واپسيءَ جي علامت آهي: اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ڪالهه اسلام آباد ميوزيم ۾ ليگيسي ريٽرنز هوم جي عنوان سان خاص نمائش جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا مان واپس آندل چونڊ ثقافتي ۽ تاريخي نوادرات کي عوام لاءِ پيش ڪيو ويو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اها نمائش پاڪستان جي تاريخ، تهذيب، سُڃاڻپ ۽ قومي ورثي جي …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ڪالهه اسلام آباد ميوزيم ۾ ليگيسي ريٽرنز هوم جي عنوان سان خاص نمائش جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا مان واپس آندل چونڊ ثقافتي ۽ تاريخي نوادرات کي عوام لاءِ پيش ڪيو ويو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اها نمائش پاڪستان جي تاريخ، تهذيب، سُڃاڻپ ۽ قومي ورثي جي هڪ اهم حصي جي واپسي جي علامت آهي. هن چيو ته هي فقط هڪ نمائش نه پر پاڪستان جي روح جي هڪ حصي جي وطن واپسيءَ جو جشن آهي. هن چيو ته اهي نوادرات پاڪستان جي عظيم تهذيبي تاريخي، فنڪاراڻي مهارت ۽ صدين تي ٻَڌل ثقافتي روايتن جي نمائندگي ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دنيا جي قديم سنڌو تهذيب ۽ گنڌارا فن جي عالمي شهرت رکندڙ ورثي جو امين آهن، جتي مختلف تهذيبون، مذهب، ثقافتون ۽ فڪرن جو حسين ميلاپ ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو آثارِ قديم جو ورثو اڄ به سڄي دنيا جي محققن، مؤرخن، فنڪارن ۽ دانشورن لاءِ ڪَشش جو سبب آهي. هن چيو ته غير قانوني کوٽائي، تاريخي نوادرات جي چوري ۽ اسمگلنگ عالمي ثقافتي ورثي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪا آهن، جيڪي قومن ۽ ايندڙ نسلن کي سندن سُڃاڻپ ۽ اجتماعي يادداشت کان محروم ڪن ٿا. هن نوادارات جي غير قانوني واپار کي ڏوهه قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ثقافتي ورثي جي تحفظ، بحالي ۽ غير قانوني طور تي پرڏيهه منتقل ڪيل نوادرات جي واپسيءَ لاءِ قانوني، اداره جاتي ۽ پيشيوراڻي قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي. هن چيو ته ثقافتي اثاثن جي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ عالمي سهڪار اڻٽر آهي. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ سهڪار کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 30 جنوري 2024ع کان هڪ طرفو معاهدو طئي ٿيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي ثقافتي اثاثن جو تحفظ ۽ نوادرات جي غير قانوني چُرپُر جي روڪٿام آهي. هن پرڏيهي وزارت ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتي مشن جي ڪاوشن کي پڻ ساراهيو جن انهن نوادرات جي واپسيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير آمريڪي حڪومت، آمريڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، هوم لينڊ سيڪيورٽي عملدارن، ثقافتي ادارن، نيويارڪ ڊسٽرڪٽ اٽارني آفيس ۽ آمريڪي سفارتخاني جو خاص ٿورو مڃيو، جنهن انهن نوادارات جي واپسيءَ ۾ سهڪار فراهم ڪيو. هن قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن ۽ آثارِ قديمه عجائب گهر جي کاتي طرفان نمائش جي بندوبست کي به ساراهيو. ان موقعي تي تقريب جي خاص مهمان اسسٽنٽ سيڪريٽري آمريڪي سفارتخاني پاڪستان ايس ڪي پال ڪپور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪا پنهنجي آزاديءَ جا 200 سال مڪمل هئڻ تي جشن ملهائي رهيو آهي ۽ ان پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ تعليم، صحت، زراعت، ثقافت ۽ ورثي سميت مختلف شعبن ۾ مضبوط ٻه طرفا ناتا موجود آهن. تقريب ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر، قومي ورثي ۽ ثقافت جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن سيده نوشين افتخار ۽ قومي اسيمبلي ميمبر طفيل جٽ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني چيو ته اها نمائش انصاف، عالمي سهڪار ۽ انسانيت جي گڏيل ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ اجتماعي عزم جي علامت آهي. هن چيو ته واپس آندل نوادرات پاڪستان جي تاريخي سُڃاڻپ جي انمول بابن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ قديم تهذيبن جي فني، روحاني ۽ ثقافتي ڪاميابين جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ تهذيب جي شهري ترقيءَ کان وٺي گنڌارا فن جي شاهڪارن تائين پاڪستان هڪ عظيم آثارِ قديمه جي ورثي جو گهُرجائو آهي. هن ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته نوادرات جي غير قانوني واپار ۾ ملوث منظم ڏوهه پيشيوراڻا نيٽ ورڪس خاص ڪري گنڌارا خطي جي آثارِ قديم جي ماڳن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. سيڪريٽري چيو ته پاڪستان حڪومت آثار قديمه ايڪٽ 1975ع تحت آثار قديمه جي تحفظ، دستاويزي رڪارڊ جي بهتري، تاريخي ماڳن جي حفاظت ۽ عالمي سهڪار ذريعي قومي ورثي جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان يونيسڪو جي 1970ع ڪنوينشن جو به صحيح ڪندڙ آهي، جيڪو ثقافتي اثاثن جي غير قانوني اسمگلنگ خلاف عالمي سهڪار جو اهم فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ 2024ع ۾ هولڊ هار مليس ريليز ايگريمينٽ تي صحيح ٿي، جنهن سان ثقافتي ورثي جي تحفظ، اداره جاتي ترقي، فني سهڪار، پيشيوراڻي تربيت ۽ عوامي آگاهيءَ جي شعبن ۾ نيون راهون کُليون آهن. هن ٻُڌايو ته 2007ع کان هاڻ تائين آمريڪا سان پاڪستاني ثقافتي ورثي سان تعلق رکندڙ مجموعي طور تي 513 نوادرات وطن واپس آندا ويا آهن. هن آمريڪي سفارتخاني، آمريڪا ۾ پاڪستان مشن ۽ پرڏيهي وزارت جي سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو، جنهن پاڪستان جي ثقافتي اثاثن جي واپسيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن آمريڪي سفارتخاني، قومي ورثي، ثقافت ڊويزن ۽ آثارِ قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي جي آفيسرن جو نمائش جي بندوبست ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. نمائش ۾ اهي چونڊ نوادارات پيش ڪيا ويا آهن جن کي آمريڪا ۾ هوم لينڊ سيڪيورٽي عملدارن ضبط ڪيو هو ۽ بعد ۾ يونيسڪو 1970ع ڪنوينشن جي آرٽيڪل (7 (بي) ٽو ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ 30 جنوري 2024ع تي طئي ٿيل معاهدي تحت نيويارڪ ڊسٽرڪٽ اٽارني آفيس نيويارڪ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن حوالي ڪيا. نمائش مختلف تاريخي دؤرن سان تعلق رکندڙ ناياب پٿر ۽ اسٽڪو مان تيار ڪيل ٻڌمت جا مجسما، مذهبي پيتيون، گنڌارا تهذيب جا نقش و نگار، هند يونان دؤر جو ناياب چانديءَ جو سِڪو، بلوچستان مان ملندڙ ست هزار قبل مسيح جا مجسما ۽ رنگين ظروف شامل آهن. ليگيسي ريٽرنز هوم نمائس جو مقصد عوام ۾ نوادرات جي غير قانوني اسمگلنگ تباهه ڪُن اثرن جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ قومي ورثي ۽ سُڃاڻپ جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ آهي. سرڪاري تفصيلن موجب آمريڪا کان مختلف مرحلن ۾ مجموعي طور تي 513 نوادرات وطن واپس آندا ويا آهن، جن ۾ 2007ع ۾ 39، 31 آگسٽ 2021ع تي 46، 9 سيپٽمبر 2023ع تي 104، 6 فيبروري 2025ع تي 191 ۽ 26 آگسٽ 2025ع تي 133 نوادرات شامل آهن.