متبادل تڪراري حل جو نظام جديد انصاف جو لازمي جُز بڻجندو پيو وڃي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته متبادل تڪراري حل (اي ڊي آر) هاڻي فقط هڪ متبادل طريقيڪار ناهي رهيو، پر هي جديد انصاف جي نظام جو هڪ لازمي ۽ هم جُز بڻجندو پيو وڃي. ڪالهه ڪامسٽيڪ اسلام آباد ۾ قانوني ۽ انصاف واري وزارت تحت قائم انٽرنيشنل ميڊي ايشن اينڊ آر بيٽريشن سينٽر (آءِ ايم اي …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته متبادل تڪراري حل (اي ڊي آر) هاڻي فقط هڪ متبادل طريقيڪار ناهي رهيو، پر هي جديد انصاف جي نظام جو هڪ لازمي ۽ هم جُز بڻجندو پيو وڃي. ڪالهه ڪامسٽيڪ اسلام آباد ۾ قانوني ۽ انصاف واري وزارت تحت قائم انٽرنيشنل ميڊي ايشن اينڊ آر بيٽريشن سينٽر (آءِ ايم اي سي) جي انتظام هيٺ 6 ڏينهن واري عالمي سطح تي تسليم ٿيل ميڊي ايشن ٽريننگ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۽ ويهڪ سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. وفاقي وزير پروگرام ۾ پارليامينٽيرينز، عدالتي آفيسرن، قانوني ماهرن، سرڪاري عملدارن ۽ سڄي ملڪ مان آيل اي ڊي آر ماهرن جي شرڪت کي ساراهيو. هن آءِ ميڪ ٽيم، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ عالمي ٽرينرز جي ڪوششن کي به تحسين جوڳو قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 22 لک 60 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن، جڏهن ته ديواني ڪيسن جي فيصلن ۾ سراسر 15 سالن تائين ۽ واپاري تڪرارن جي حل ۾ 1073 ڏينهن لڳي سگهن ٿا، جيڪي فوري ۽ اثرائتي متبادل نظام جي ضرورت کي ظاهر ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت اي ڊي آر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن، جن ۾ سنگاپور ڪنوينشن آن ميڊي ايشن تي صحيح، انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن (آءِ او ميڊ) جي قيام بابت ڪنوينشن جي توثيق ۽ آءِ ايم اي سي جو قيام شامل آهي. هن ٻُڌايو ته آءِ ايم اي سي هاڻ تائين 1300 کان وڌيڪ ججن، سرڪاري آفيسرن، ڪاروباري شخصيتن ۽ شاگردن کي بنيادي تربيت فراهم ڪري چڪا آهن، جڏهن ته شرڪت ڪندڙ عالمي سطح تي تسليم ٿيل ميڊي ايشن ۽ اي ڊي آر تربيت مڪمل ڪري چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته اهڙا تربيتي پروگرام تڪرارن جي اثرائتي حل لاءِ ماهر تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ادارن ۾ ميڊي ايشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سفير بڻجن ۽ حاصل ڪيل مهارتن کي عملي طور تي استعمال ڪن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت پاڪستان ۾ اي ڊي آر جي اداره جاتي کي هٿي وٺرائڻ، ڳالهين ۽ پُرامن تڪرارن جي حل جي ڪلچر کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندي.