نيٽ ميٽرنگ پاليسيءَ ۾ تبديليءَ باوجود ان ئي رفتار سان درخواستون ملي رهيون آهن: اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته نيٽ ميٽرنگ پاليسيءَ ۾ تبديليءَ باوجود ان ئي رفتار سان درخواستون ملي رهيون آهن، پاڪستان گذريل سال 74 سيڪڙو بجلي مقامي وسيلن مان حاصل ڪئي، 4 سالن کان پوءِ اها پيداوار 94 سيڪڙو مقامي وسيلن مان پيدا ٿي. قومي اسيمبليءَ ۾ سيد نويد قمر ۽ ٻين جي سولر پروزيومرز لاءِ نيٽ …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته نيٽ ميٽرنگ پاليسيءَ ۾ تبديليءَ باوجود ان ئي رفتار سان درخواستون ملي رهيون آهن، پاڪستان گذريل سال 74 سيڪڙو بجلي مقامي وسيلن مان حاصل ڪئي، 4 سالن کان پوءِ اها پيداوار 94 سيڪڙو مقامي وسيلن مان پيدا ٿي. قومي اسيمبليءَ ۾ سيد نويد قمر ۽ ٻين جي سولر پروزيومرز لاءِ نيٽ ميٽرنگ پاليسي ۾ غير معمولي تبديلي ۽ سولر پينلز تي 18 سيڪڙو ٽيڪس تجويز ڪرڻ بابت ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻُڌايو ته ان معاملي تي هڪ سال کان ان معاملي تي غور ڪيو ويو. جنهن جي اي سي سي مان منظوري ٿي، پوءِ ڪابينه مان منظوري ڏني وئي. ان سيڪٽر سان سمورين ڌُرين سان صلاح مشورا ٿيا. هن ٻُڌايو ته 18-2017ع ۾ ان ئي حڪومت ۾ نيٽ ميٽرنگ ريگيوليشنر جي شروعات ڪئي وئي هئي. ان جي ريٽس ۾ تبديلي ٿيندي رهي. سولر انفراسٽرڪچر جي قيمت ۾ ترتيبوار دنيا ۾ گهٽتائي ٿي. پاڪستان ۾ نيٽ ميٽرنگ هڪ منافعي بخش ڪم آهي ۽ هي ماحول دوست آهي. هن ٻُڌايو ته ملڪ ۾ سولر مان حاصل ٿيندڙ 23 کان 24 هزار ميگاواٽ بجلي مان 14 کان 16 ميگاواٽ آف گرڊ آهي. ٽيڪس ريٽ گهٽ ۽ ٻين مراعتن سان ان ۾ بهتري آئي. ان ماحول دوست منصوبي تي ڪنهن پرڏيهي ملڪ معاونت ناهي ڪئي. هن ٻُڌايو ته ماڻهن طرفان ان کي پذيرائي ملي. هي هڪ صحتمند ۽ ماحول دوست منصوبو هو. وزيراعظم جي هدايت تي سيڙپڪارن جي سيڙپڪاريءَ کي تحفظ ڏنو ويو. گذريل نيٽ ميٽرنگ وارن صارفين جي شرطن ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي. نون نيٽ ميٽرنگ ۾ تبديلي ڪئي وئي، هاڻ ان سان ٻين تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن جي قيمت 9.80 رپيا جي قيمت تي کانئن بجلي خريد ڪنداسين. هن ٻُڌايو ته نئين پروزيومر ريگيوليشن ۾ عوام طرفان سيڙپڪاريءَ جي حوصله افزائي ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن هڪ لک رپين جي سيڙپڪاري ڪندئو ته 3 سالن ۾ اهي پئسا پورا ڪندئو. هن ٻُڌايو ته ان ريگيوليشن جي تبديلي کانپوءِ به ان ئي طرح سان ۽ ان تيزيءَ سان درخواستون ملي رهيون آهن. سيد نويد قمر جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته گذيل سال 74 سيڪڙو بجلي مقامي وسيلن مان بڻي، صرف 26 سيڪڙو پرڏيهي ذريعن مان حاصل ڪئي وئي. ايندڙ سال ۾ ان کي 96 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين. هن چيو ته آمدني واپار ٿيل ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽس کي ٿر ڪول تي منتقل ڪرڻ فائديمند ٿيندو. لاڳت ۾ گهٽتائيءَ سان بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ايندي. تجديد جوڳي توانائي جي حوصله افزائي ڪئي پئي وڃي. شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تجديد جوڳي توانائي ۾ جيڪڏهن مراعتون نه هجن ته اسان قصور وار هجون. اسان ان جا محرڪ آهيون. ان کي عالمي سطح تي موٽ ملي رهي آهي. هن ٻُڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ 14 هزار فيڊرز مان 11500 فيڊرز تي زيرو لوڊشيڊنگ آهي. باقين تي لائن لاسز سبب 2 ڪلاڪ کان 16 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ آهي. هن ٻُڌايو ته نئين پاليسي آڻي رهيا آهيون، هلندڙ مهيني کان لوڊشيڊنگ کي فيڊرز مان ٽرانسفارمر جي سطح تي وٺي وڃي رهيا آهيون. پوري فيڊرز کي بند ڪرڻ بدران هاڻ جنهن ٽرانسفارمر تي جتي لائن لاسز هوندا اتي بجلي بند ڪئي ويندي. هن ٻُڌايو ته ملڪ ۾ بجلي جي مقامي وسيلن ۽ ذريعن مان پيداوار موجوده 55 سيڪڙو مان وڌائي 2032ع تائين 96 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين ۽ ان لاءِ سمورا وسيلا اسان جا پنهنجا آهن، دنيا ۾ ماحولياتي معاملن تي ڪم ڪندڙن ان سلسلي ۾ ڪو سهڪار نه ڪيو. سحر ڪامران جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته منهنجي تڪ ۾ به 5 فيڊرز تي لوڊشيڊنگ آهي. اتان لائن لاسز ختم ٿيندا ته هي ختم ٿيندي. هن ٻُڌايو ته حيدرآباد جي 68 فيڊرز کي اسان زيرو لوڊشيڊنگ تي کڻي آيا آهيون. اسان پهرين سال ۾ مجموعي نقصان 1260 ارب رپين کان گهٽ ڪري 890 ارب رپين تائين کڻي آيا آهيون. 400 ارب رپين جو بار صارف تان گهٽ ڪيو آهي. ليسڪو ۾ 86 ارب جو نقصان گهٽ ڪري هلندڙ سال 18 ارب رپين تي آندو آهي. ملتان ۾ 2 ارب رپين تي نقصان آندو آهي. مرزا اختيار بيگ جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته پاليسي جي اها شِق ٻُڌايو جنهن تحت تجديد جوڳي توانائي جي حوصله شڪني ٿي رهي آهي. شهريار خان مهر جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته 3400 ارب رپيا واپس ڪرايا. پهرين وارن ڪنزيومر تي ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي. نيٽ ميٽرنگ ۾ ڪو غريب ناهي، ڪنهن تي ڪو ظلم ناهي ٿيو.