اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد مان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جو مڪمل ختم ڪيو ويندو، ڪنهن دٻاءُ کانسواءِ آپريشن ڪلين اپ پنهنجي گهربل نتيجن کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ خاص اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ …
وفاقي گهرو وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، راول ڊيم جي پاڻيءَ کي نالن جي گندي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد مان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جو مڪمل ختم ڪيو ويندو، ڪنهن دٻاءُ کانسواءِ آپريشن ڪلين اپ پنهنجي گهربل نتيجن کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ خاص اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ راول ڊيم جي پاڻيءَ کي نالن جي گندي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران راول ڊيم ۾ ڪِرندڙ نالن تي سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. گهرو وزير چيو ته سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ بعد شهرين کي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ممڪن ٿيندي. هن چيو ته اسلام آباد مان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جو مڪمل خاتم ڪيو ويندو، ڪنهن دٻاءُ کان سواءِ آپريشن ڪلين اپ پنهنجي منتقي نتيجن کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو. گهرو وزير پارليامينٽ لاجز جي نئين بلاڪ تي ترقياتي ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪيپيٽل پوليس ڪاليج جي اپ گريڊيشن پلان جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪيپيٽل پوليس ڪاليج ۾ نوان ڪلاسز، ميس ۽ تربيت هيٺ اهلڪارن لاءِ بيرڪس تعمير ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ جاري ۽ نئين ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. گهرو وزير ۽ مملڪتي وزير کي ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته نئين ڪنوينشن سينٽر جي تعمير لاءِ 3 عالمي ڪمپنين طرفان ڊزائن جمع ڪرايون ويون آهن، ايوليوشن جو عمل جاري آهي، قانوني گهُرجون مڪمل ڪيون پيون وڃن، جون 2026ع جي آخري هفتي ۾ ڪنوينشن سينٽر تي تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته اسلام آباد جي نئين تعمير ٿيندڙ 11 ٿاڻن ۾ به ڪم جاري آهي. وفاقي گهرو سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻين آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.










